برسات بعد گهارن اهنج وڌائي ڇڏيا، 10 ڄڻا فوت

ڪراچي / حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سامونڊي طوفان اسنيٰ رخ تبديل ٿي ويو، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ کان پري ٿي ويو طوفان جو رخ بلوچستان طرف ٿي ويو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان عربي سمنڊ جي اوڀر اولهه ۾ موجود آهي ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ڏانهن وڌندي طوفان جو رخ عمان طرف ٿيندو.موسميات کاتي موجب، طوفان جو ڪنهن به سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو امڪان  ناهي ۽ سمنڊ ۾ ئي ڪمزور ٿي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي، هوا جو دٻاءُ شدت اختيار ڪري ڊپريشن بڻجي چڪو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هي سسٽم ڀارتي گجرات ۽ راجسٿان تي اثر انداز ٿيندو جڏهن ته ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن ۾ هي سسٽم اوڀر سنڌ تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي طوفان جي اثرن جي اڳڪٿي ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو.ٻي پاسي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات پئي، جنهن دوران ڪيترائي وڻ ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن کان جاري برسات ۽ تيز هوائن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي. فيڊرل بي ايريا جي بلاڪ 16 ۾ وڻ ڪرڻ سبب نوجوان سعد جمال فوت ٿي ويو. ھوڏانهن پيپلز چورنگي ويجهو تيز هوائن سبب وڻ ڪري پيو، 20 ورهين جو نوجوان فوت ٿي ويو. اورنگي ٽائون قطر اسپتال ويجهو وڻ ڪري پيو، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ڪورنگي نمبر 5 ويجھو وڻ ڪري پيو، هڪ ڄڻو زخمي.گلشن اقبال بيت المڪرم مسجد ڀرسان وڻ ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي وئي. گلستان جوهر بلاڪ 10 ۽ گلشن اقبال بلاڪ 17 ۾ به تيز هوائن سبب وڻ ڪري پيا.ان کان علاوه جمشيد روڊ، ڪي ڊي اي سميت ناظم آباد ۾ وڻ ڪرپٽ ٿيڻ سبب گاڏين کي سخت نقصان پهتو آهي. نيو ڪراچي ۾ دومنٽ چورنگي ڀرسان رهائشي فليٽ جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڊگهڙي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان وسندڙ برسات ڪيترائي ڪچا توڙي پڪا گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا،تعلقي جا سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن، ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان هڪ ٻارڙي دٻجي زخمي ٿي پئي، ڪانگڻي موري ڀرسان سم نالي کي لڳل گهاري سبب ڏھ کان وڌيڪ ڳوٺ جنهن ۾ مير احمد خان ٽالپور ڳوٺ ڪلوئي برادري جا ڳوٺ جروار برادري جا ڳوٺ  ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن ڪيترائي ڪلاڪ گهارو بند نه ٿيڻ ڪري ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. وارھ جي جابلو پٽي ۾ زبردست برسات بعد نيون وھي حمل ڍنڍ ۾ پهتيون، جڏهن ته بلوچستان کان آيل برساتي پاڻي پڻ حمل ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري ڍنڍ ۾ پاڻي جي ليول وڌي وئي، يوسي ميرپور، يوسي حمل

۽ گاجي کهاوڙ ۾ سخت نقصان ٿيو آهي، ڳوٺن ۾ 3فٽ کان وڌيڪ  پاڻي بيٺل آهي، مٽياري جي رپورٽر موجب تازين برساتن مٽياري ضلعي ۾ تباھي مچائي ڇڏي ھيستائين ضلعي ۾ پيل 250 ملي ميٽر برسات سبب اڪثر شھر ۽ ڳوٺ برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن ضلعي انتظاميا جي انگن اکرن مطابق ايستائين برسات سبب ضلعي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن سبب 4 ماڻھو فوت ۽ 7 زخمي ٿي چڪا آھن جڏھن ته 521 گھرن جي مڪمل ۽ جزوي نقصان پھتو آھي. جاتي جي رپورٽر موجب جاتي سميت سامونڊي پٽي ۾ برسات وقفي وقفي سان جاري رهي، جنهن متاثرن جا سور سوايا ڪري ڇڏيا، جاتي جي يونين ڪائونسل ڪڙملڪ جي ڳوٺ بوهڙ، امين موري، سڪندر ڌاندل، لونگ ابڙو، عبدالعزيز ٿهيم، اجو مل ميگهواڙ، موسيٰ ملاح، ڪلڪان ڇاڻي جي ڳوٺ ارباب پاندي ٿهيم، حاجي ڏونگر جت، مسلم ٿهيم، حاجي جمعون ٿهيم، ڊيرن جو ڳوٺ راڄا ڳوٺ، مامون ڀاڏائي، بيگ ڀاڏائي سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن جڏهن هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويا آهن، ٻي طرف برسات سبب ست ڏينهن کان ڪريل ويل پندرانهن کان مٿي بجلي ٿنڀا لڳي نه سگهيا جنهن ڪري بجلي بحال نه ٿيڻ سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ نه ٿي سگهي آهي.جڏهن بوهڙ ڳوٺ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي متاثر ٿيل خاندانن پاران سرڪاري اسڪولن ۾ پناھ وٺندڙ سوين خاندان بي يارو مددگار ويٺل آهن جن جي انتظاميان ڪا به سار نه لڌي آهي.خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺڙي ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب زخمي ٿيل ڳوٺاڻو محمد شريف حاجاڻو زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال خيرپور ۾ فوت ٿي ويو. ميرپورخاص جي رپورٽر موجب ميرپورخاص ضلع ۾ تيز طوفاني برساتن بعد ضلع ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين، ڪمند، چانور، مرچ، بصر سميت مختلف فصلن جو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ تباهه ٿيڻ ۽ ڳوٺ جو وڏو انگ پاڻي هيٺ اچڻ سبب متاثر ٿيل هزارين خاندان پنهنجو چوپايو مال ڪاهي ضلع جي مختلف مک روڊن ۽ لنڪ روڊن تي پناه وٺڻ بعد کليل آسمان هيٺ بي يارو مدد گار ويٺل آهن، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو ۽ بجلي به مڪمل بحال نه ٿي سگھي.گمبٽ جي رپورٽر موجب سنڌو درياهه ۾ چاڙھ سبب گمبٽ جو ڪچو ٻڏي ويو، راضيديرو رپڙي بھارو جي ڪچي سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، ٻوڏ جي وھڪرن سبب 2 ڳوٺاڻا ڳوٺ لعل ڪنڀر واسي محبوب ڪنڀر  ۽ ڳوٺ صادق ڪلھوڙو واسي عبدالستار ڪلھوڙو ٻڏي فوت ٿي ويا. سنڌ ۾ تيز هوائن سان گڏ وسڪاري سبب واهن، شاخن ۽ سم نالن کي گهارا پوڻ جو سلسلو جاري آهن، گهارن سبب سوين ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا.ان سلسلي ۾ بلڙي شاهه ڪريم ويجهو ڪارو گونگڙو سم نالي کي ڳوٺ علي محمد کوکر وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو.ڪارو گونگڙو سم نالي کي گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو، پاڻي ڳوٺ علي محمد کوکر ۾ سوين گهرن اندر داخل ٿي ويو.هوڏانهن گولاڙچي ويجهو ڳوٺ مٺو ميمڻ وٽان امير شاهه سم نالي کي لڳل گهارو بند نه ٿي سگهيو، گهاري سبب 25 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.ڳوٺ فيض محمد سميجو وٽان شاخ کي لڳل گهارو به وڌي 70 فوٽ ٿي ويو، شير واهه ۽ بهادر واهه جا گهارا ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف ماتلي ويجهو ڦليلي واهه مان نڪرندڙ مراد واهه کي آر ڊي 58 وٽان گهرو لڳڻ سبب ڳوٺ مجنون کوسو، الله بخش کوسو ۽ بشام کوسو ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، سوين ايڪڙ فصل ٻڏي ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.