لاهور(معظم فخر) حڪومت آئيني پئڪيج لاءِ قومي اتفاق راءِ جو فيصلو ڪري ورتو،لاڳاپيل ڌرين کي به اعتماد ۾ ورتو ويو، 18 سيپٽمبر تي آئيني پئڪيج قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو، ن ليگ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي آئيني پئڪيج جي نڪتن بابت مڪمل بريفنگ ڏني وئي،پئڪيج ۾ اهي نڪتا به شامل هوندا ته صوبا ۽ وفاق قرضن جي ادائيگي ۾ برابر جا به ذميوار هوندا، حڪومتي اڳواڻن کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته مولانا فضل الرحمان سميت سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي،نوازشريف کي آگاهه ڪيو ويو ته مولانا فضل الرحمان هاڻي اپوزيشن ڪئمپ مان نڪري رهيو آهي،جي يو آءِ ۽ حڪمران اتحاد وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ لاءِ سڀ کان اهم ڪردار وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ادا ڪيو آهي، فضل الرحمان سخت موقف اختيار ڪري گهڻو اڳتي وڃي چڪو هو پر هن جي اصل نڪتن کي محسن نقوي لاڳاپيل فورمز تي اٿاري اهو باور ڪرايو ته مولانا جي اصل خدشن کي ختم ڪرڻ ضروري آهي، ان کانپوءِ ئي محسن نقوي پهرين صدر آصف علي زرداري ۽ بعد ۾ وزيراعظم شهبازشريف کي ساڻ کڻي مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو جنهن بعد غلط فهميون گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪيون آهن، نوازشريف کي ٻڌايو ويو ته آئيني پئڪيج هر صورت ۾ منظور ڪرايو ويندو ۽ ان جي منظوري ۾ جي يو آءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي،ٻئي پاسي عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ مختلف عدالتي شخصيتن سان رابطا ڪري حڪومت جي قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته حڪومت پاران جيڪا قانون سازي ٿيندي اها ڪنهن خاص شخصيت کي فائدو پهچائڻ لاءِ ناهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران وزيراعظم کي اهو پيغام موڪليو ويو آهي ته منهنجي ذات سان ڪنهن کي نقصان ٿئي ٿو ته مان ملازمت مدي ۾ واڌ واري فائدي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان،مان ڪا به ايڪسٽينشن قبول نه ڪندس جيڪڏهن مون کي ايڪسٽينشن ڏني وئي ته مان پنهنجي رٽائرمينٽ واري تاريخ25 آڪٽوبر تي استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس،ذريعن موجب چيف جسٽس پاران موڪليل پيغام ظاهر ڪري ٿو ته عدليه اندر ڇڪتاڻ وڌي چڪي آهي ۽ حڪومت پاران ٿيندڙ قانون سازي جا معاملا به متاثر ٿيندي نظر اچي رهيا آهن