ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته مان پاڪستان جي سياست ۽ رياست کان مايوس ٿي چڪو آهيان، رياست مان ٿوري گهڻي اميد به هجي ها ته بلوچستان جي نوجوانن کي چوان ها ته هٿيار ڦٽا ڪريو، نه وڙهو، هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان 77 سالن کان جيڪو چئي رهيا آهيون اهو ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، قومي اسيمبلي ۾ اسان اقليت ۾ آهيون، هن چيو ته ڇا ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ڪرڻ جو اهو ئي طريقو آهي ته اسان فارم 47 ذريعي جمهوريت آڻينداسين؟ ڇا ڪنهن جج يا آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ڪري جمهوريت مضبوط ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هن چيو ته بلوچستان ۾ پهرين ٻاهرين مداخلت جو الزام لڳايو ويندو هو هاڻي خوارج جو نالو ڏنو پيو وڃي، ڇا نوازشريف جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته هن جي شگر مل ۾ اهو انڪشاف نه ڪيو ويو هو ته ان ۾ هندستاني ماڻهو رکيل آهن؟ عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي وئي ته ڇا هن تي اهو الزام نه هنيو ويو ته هو يهودين ۽ اسرائيل لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي؟هن چيو ته اسان جو سوال اهو آهي ته ڇا موسيٰ خيل ۾ جيڪو ٿيو ان ۾ حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي؟ ان واقعي کانپوءِ خضدار مان کنڀيل چئن نوجوانن جا لاش مليا، انهن نوجوانن جو قتل محسن نقوي جي ڌمڪي واري بيان جو تسلسل آهي،هن چيو ته بلوچستان م هن وقت جيڪا بغاوت آهي اها قبائلي اڳواڻن جي هٿ ۾ ناهي بلوچستان جي پڙهيل لکيل نوجوانن جي هٿن ۾ آهي،اسان کي ته صوبو به تسليم نه پيو ڪيو وڃي، هن چيو ته بلوچستان جي نوجوانن کي چوان ٿو ته ڪنهن مظلوم جي ماءُ ڀيڻ کي نه روئاريو بلڪه انهن ماڻهن جي مائرن،ڀينرن کي ضرور روئاريو جن توهان جي مائرن ڀينرن کي روئاريو هجي،
-
ڪنهن ڪرنل کي گوادر جي نمائندگي جي اجازت ناهي: مولانا هدايت الرحمان
ڪوئٽا (م ڊ) ڪوئٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم پي اي گواردر نائب امير جماعت اسلامي مولانا هدايت الرحمٰن بلوچ جو چيو آهي ته ڪنهن ڪرنل کي اجازت نه ڏينداسين ته اهو گوادر جو نمائندگي ڪري، مان ايم پي اي آهيان ۽ فيصلو مان به پاڻ ڪندس، مولانا هدايت الرحمان بلوچ وڌيڪ چيو ته گوادر ۾ بجلي بندش خلاف گوسٽل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻداسين، بلوچستان حڪومت گوادر جي مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ناهي، هن وڌيڪ چيو ته صوبائي اسيمبلي مان بائيڪاٽ جو اعلان ڪنداسين.