رشتن جو تقدس ۽ سماجي جوڙ جڪ

تحرير: رِيحانه فتح خان کوسو

سماج ماڻھن جي ھڪ اھڙي گروهه جو نالو آھي جنھن ۾ `گڏ ھئڻ جو احساس `ھجي،يعني ھڪ ٻئي سان وچڙ ۾ اچي ھر قسم جو سھڪار ڪن.جنھن ۾ اسان جا رشتا ناتا سماجي توڙي اقتصادي راهداري مطلب ته ھر اھو تعلق جنھن سان سڌي يا اڻ سڌي ريت اسان جو ڪنھن طريقي سان تعلق جڙي ٿو. ھڪ ئي سماج جي دائري ۾ اچيو وڃي ٿو،جيڪڏھن انھن جي درجابندي ڪئي وڃي ته ان ۾ سڀ کان اول اوھان رت جا رشتا يعني والدين ،ڀيڻ، ڀاءُ، اولاد ،سوٽ،ماسات،ماما،چاچا  اچيو وڃن ٻيو نمبر تي محبت /ازدواجي  رشتو يا اوھان جا دوست احباب آھن جن سان حال ونڊيو ٿا، آخر ۾ اھي رشتا جن سان سماجيات جي بنياد تي روزاني ڳالهھ ٻولهھ ته ڪري سگھجي ٿي  انھن ۾ جيڪڏهن اوھين ملازمت ڪندڙ آھيو ته اوھان جو باس،اعلي آفيسرز، سينيئر جونيئر ،ڪوليگز، يا وري ڪاروباري آھيو ته اوھان جو پارٽنر،ايتري قدر اوھان جي گھر جا ملازم يا ڪريانه مرچنٽ وارو اھو دڪاندار به شامل آھن جن سان روزاني دعا سلام ٿئي ٿي پر ھر ڳالهھ نٿي ونڊي سگھجي.

سڀني کان وڌيڪ جو انسان جن رشتن سان سماجي طور وڌيڪ وقت گذاري ٿو يا کين ويجھو رھي ٿو اھي ان جا رت جا رشتا آھن،جن سان وڌيڪ لڳاءُ، دلچسپي ،ويجھڙائيپ يا اميدون وابسته ٿيل ھونديون آھن ،انسان جي شخصيت تي اھي رشتا ناتا نفسياتي طور تي وڌيڪ اثرانداز ٿيندا آھن، رشتن جي بي رخي يا عدم توجهه ھڪ چڱي ڀلي انسان کي چريو ٺاھڻ جي طاقت رکي ٿي،رشتن جو ھڪ ٻئي سان منفي رويو ھڪ انساني شخصيت تي گھرو اثر وجھي ٿو جيڪڏهن اھي رشتا خدانخواسته فقط نالي ماتر رھجي وڃن ته انسان اڪيلائي يا مايوسي جي انڌيري ۾ ھليو ويندو آھي،

انسان جڏھن  خانه بدوش ھئو شايد ان وقت رشتن جي اھميت کان اڻواقف ھجي يا شايد ان وقت کيس ھڪ ئي اون ھئي ته ڪيئن شڪار ڪري گذر بسر ڪجي.اڄڪلهھ ايئن ناھي ھاڻي سمجهدار ٿي اسين پنھنجي ھڪ  ننڍي دنيا قائم ڪري چڪا آھيون ،ھڪ اھڙي محدود دنيا جتي اسين پنھنجي آسپاس جي دنيا کان بلڪل بي فڪر ۽ لاپرواھ آھيون يا شايد  دنياوي لالچ ايترو ته خودغرض بڻائي ڇڏيو آھي جو اسان کي احساس ئي ناھي رھيو ته اسان جي  آس پاس به احساس جي ڪا دنيا آھي جنھن ۾  رشتا ناتا اھڙا آھن جيڪي اسان جي توجهه جا محتاج آھن.

مفاد پرستي جي انتھا تي پھتل اسين چاھيون ٿا ته فقط اسان ئي صف اول ۾ ھجون ،دنيا رڳو اسان جي واھ واھ ڪري، بھترين سهولتون اسان کي ميسر ھجن ،ماڻھن جي ھجوم ۾ اسين نمايان خصوصيتن جا مالڪ چورايون، دنيا جي روشني ۽ چمڪ  ۾ ايڏا ته محو ٿي ويا آھيون جو اسان ڪنھن جي دل آزاري کان به نه ٿا مڙون پوءِ ڀلي اسان جي ڪري ڪوئي جيڪڏهن احساس ڪمتري يا ڊپريشن جو شڪار ٿي پوي ته ان وقت حيران نه ٿجو اسان پاڻ کي مٿانهون ڏيکاريندي ڪنھن کي غير دانسته طور مايوسي ۾ مبتلا ڪري چڪا آھيون ۽ اھو ان جو ئي نتيجو آھي.ڪڏھن پنھنجي نعمتن جي نمائش ڪري ته ڪڏھن پنھنجي لفظن سان انھن کي احساس ڪمتري ۾ جو شڪار  ۾ اسان ڪنھن کان گھٽ ناھيون.

ڪيڏو نه مغرور آھي اھو شخص جيڪو پنھنجي نعمتن جو مظاھرو اھڙي انسان آڏو ڪندو ھجي جيڪو محروم ھجي.بي روزگار اڳيان پنھجي آمدني واپار يا ڪاروبار جون ڳالھيون ڪرڻ،ڪنھن بي اولاد آڏو اولاد سان پيار ڪرڻ،اھڙا ڪيئي مثال جن ۾ اسين پاڻ کي مٿانهون رکي ڇڏيندا آھيون يا مرچ مصالحه لڳائي وڌائي چڙهائي پنھنجي وڏائي بيان ڪرڻ ۾ اسين پيش پيش ھوندا آھيون .

رت جي رشتن کانپوءِ ٻيو نمبر تي سڀني کان وڌيڪ انسان جذباتي لحاظ سان ڳنڍيل آھي اھو محبت/ازدواجي تعلق آھي جنھن کي اسلامي طور تي ڏسجي ته عورت ۽ مرد جي مابين جيترا به رشتا قائم انھن منا سڀ کان پھريون ۽ عظيم رشتو آھي ازدواجي رشتو جنھن مان ٻين دنياوي رشتن جنم ورتو آھي ،گرو رجنيش مطابق مرد کي وارث ۽ عورت کي محافظ جي خواهش هئي جنھنڪري شادي جهڙو رشتو وجود ۾ آيو،بحرحال ازدواجي رشتي جا مثبت يا منفي اثر سندس اولاد تي پڻ پون ٿا مثال طور جيڪڏهن مرد شادي کان پوءِ ٻاھرين ملڪ رھي پوي ته پويان زال يا اولاد تي مثبت اثر ڪونہ ٿو پوي،يا وري ورڪنگ مين يا وومين پنھنجي نوڪري يا ڪاروبار سبب فيملي کي مناسب وقت نه سگھن ته به چڱن نتيجن جي اميد نٿا رکي سگھون. جيڪڏھن بطور والدين اسين پنھنجي اولاد کي مناسب توجهه نه پيا ڏيئي سگھون ته اهو اولاد اڳتي هلي مائٽن جي اميد تي پورو لهي نه سگهندو ڇاڪاڻ جو اولاد کي جڏھن  تربيت جي ضرورت ھئي سا بروقت ناھي ٿي سگھي،بيوس والدين پوءِ ميارون ڏيڻ شروع ڪندا آھن ته شايد سندن پرورش ۾ ڪائي ڪمي رھجي وئي ھئي،ٿورو غور ڪيون ته اھا عدم توجهه ھئي جيڪا اوھان ڪاروبار يا نوڪري يافتہ ھئڻ سبب ڏيئي نه سگھيا ھئا.

بحرحال ان وقت پنھنجو پاڻ کان سوال ڪيو ته اوھان پنھنجو ننڍپڻ ڪيئن گذاريو ھيو ان وقت اوھان جي وڏڙن جو رويو اوھان سان ڪيئن رھيو؟ڇا اوھان پنھنجي وڏڙن کان ڪڏھن سوال ڪندا ھئا؟!! جي ھائو ته پوءِ ڇا انھن گھربل جواب ڏنا ھئا يا اوھان کي موبائل ھٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو ھئن؟!ڇا اوھان کي انھي عمر ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ ايندو ھيو جنھن عمر ۾ اوھان پنھنجي ٻارن کي خريد ڪري ڏنو اٿو اوھان کي شايد سڀني سوالن جا جواب  پاڻمرادو ملي ويا ھوندا.

ڇاڪاڻ جو جتي ٻارن کي اوھان جي وقت توجهه ۽ پيار جي ضرورت آھي ان وقت ۾ اوھان انھن کي موبائل فون استعمال ڪرڻ پيا سيکاريو اھو ٻار يوٽيوب يافت ته ٿي سگھي ٿو پر تربيت يافت نه. ٻار جيڪو ڏسي پيو اھو ئي سکي پيو،۽ سيکارڻ وارو موبائل فون آھي والدين نه ،انڪري ھو فون سان ذھني طور ايتري قدر جڙي وڃي ٿو جو باقي رشتن ناتن کان بي خبر ٿيو پوي ۽ پوءِ سندس منفي رويا والدين برداشت ناھن ڪري سگھندا.

جڏھن ڪنھن شخص گھر مان اھا توجهه، پيار يا سھارو نه ملي سگھي ته انسان اھو سک ۽ سڪون خاطر پنھنجي دوست احبابن ڏي لڙي ايندو آھي.

ڪڏھن اوھان سوچيو آھي ته موبائل اسڪرولنگ ڪندي اوچتو ڪنھن ڄاتل سڃاتل چھري تي اچي اسڪرولنگ بند ٿي وڃي ۽ اوھان جي نظر ھڪ پوسٽ تي پوي جنھن جي ڪيپشن ۾ اِنَّا لِلّٰہِ وَاِنَّآ اِلَیْہِ رَاجِعُوْنَ پڙھي سڪتي ۾ اچي وڃو.اوھان حيران ٿي سوچيندا ھوندا ته ھن اوچتو خودڪشي ڇو ڪئي يا ھن وٽ خودڪشي کانسواءِ به ٻيا حل ھوندا پوءِ ھن خودڪشي جو رستو ڇو چونڊيو؟!

اھي دوست و احباب رشتا ناتا ان وقت ڪيڏانهن گم ٿي ويندا آھن جڏھن انسان کي حقيقت ۾ ضرورت ھوندي آھي ،اھڙي قسم جا سوين سوالات ذھن جي نقشي تي ھڪدم اڀري ايندا آھن جڏهن ته ڪوبه شخص اچانڪ خودڪشي جو ناھي سوچيندو بار بار سوچيندو آھي نيٺ اھا گھڙي اچي جنھن ۾ پاڻ تي  بيوسي جي ڪيفيت طاري ڪري دنياوي رشتن کان لاتعلق بڻجي وڃي ٿو .

سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسين  مايوسي جي اونداهه  ۾ ٻُڏل شخص کي زندگي طرف آڻي سگھون ٿا ؟!

ايتري مصروف زندگي نفسا نفسي جي دؤر ۾ بي موت مرندڙ رشتن ۾ خوشگوار روح ڦوڪي سگھون ٿا؟!!جواب: جي ھا بلڪل ايئن ڪري سگھو ٿا،ننڍين براين کان پاڻ کي روڪي.

ڪنھن به  انسان جي رنگ،نسل قد ڪاٺ بابت ٺٺول چٿر يا مذاق اڏائڻ کان پاسو ڪيو ڇو ته ان ۾ ان جو نه ڪوئي ڏوھ آھي نه اوھان جو ڪوئي ڪمال.اھڙا سوال جن جو تعلق اوھان سان  ناھي جھڙوڪ شادي ڇو نه ڪيئي

شادي پنھنجن مان ڇو ڪيئي تنھنجي لائق ناھي تنھنجو مڙس/زال.شادي کي عرصو گذرڻ باوجود اڃا اولاد ناھي ٿيو اولاد اٿئي پر پٽ ڪونھي  رڳو پٽ آھن ڌي ڪونھي الله تنھنجو ٻار صفا رنگ جو سانورو آھي ٻار صفا ڪمزور آھي ڪجهھ کارايو پياريو ته صحيح!! پاڻ صفا ٽپ ٽاپ ٻار جي حالت ته ڏس ھيڪر!! طنز ڪرڻ سان نفرت کي پاڻي ملي ٿو.يا وري بي روزگار اڳيان پنھنجي آمدني بابت ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو فقط اھڙي صورت ۾ جڏهن اوھان وٽ ان جو حل موجود ھجي يا ان جي مدد ڪري سگھو ٿا ته ئي اھڙا سوال ڪرڻ گھرجن.پنھنجي بيمار رشتيدارن جي عيادت ۽ پرگھور لھڻ،ڏکئي وقت ۾ حوصلو ڏيئي ڀرجھلو ٿي بيهڻ. اھڙيون خانداني گڏجاڻين جو اهتمام ڪيو جنھن ۾ ھڪ ٻئي جو حال دريافت ڪري سگھجي انھن ۾ پنھنجي ٻارن سميت شريڪ ٿيو.

ڪوشش ڪيو ته اوھان جي ڪري ڪنھن جي دل آزاري نه ٿئي.بيشڪ بھترين آھي اھو انسان جنھن جي زبان جي شر کان ٻيا محفوظ ھجن.زندگي ۾ ڪنھن جي لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھو ته به ٻه لفظ تسلي بخش چئي ڇڏيو،ٻيو نه ته فقط ان کي ٻڌي وٺو متان ان جو ذھني بار ھلڪو ٿي پوي،ٿي سگھي ٿو توھان جي تسلي ڀريا ٻه لفظ ڪنھن مرڻ واري لاءِ زندگي جي مترادف ھجن،ٿي سگھي ٿو  اھڙي انسان جون دعائون اوھان جو مقدر بدلائي ڇڏين،ڪوشش ڪيو ته ڪنھن جي خوشي جا سبب بڻجي وڃو ۽ زندگي ۾ اھڙا موقعا تلاش ڪندا رھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.