” رحمتن“ کي حڪومتي نااهليون ئي ” آفتون“ بڻائين ٿيون

ملڪ اندر هن ڀيري هڪ ئي وقت ۾ برساتون، ٻوڏون ۽ سامونڊي طوفان آيل آهن.چئوماسي جي برساتن جي سيزن هلي رهي آهي ته مٿان وري ” اسني“ نالي سامونڊي طوفان جي خطري منهن ڪڍيو ۽ رپورٽون آهن ته ان سان بلوچستان ۽ سنڌ جا ساحلي علائقا سخت متاثر ٿي سگهن ٿا. موسميات کاتي ان طوفان جي ٽيون ڏينهن ئي پيشن گوئي ڪري ڇڏي هئي.ته ڀارتي گجرات تي موجود ڊيپ ڊپريشن اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو  عربي سمنڊ ۽ لاڳاپيل سنڌ جي سامونڊي پٽين کي متاثر ڪندو ۽ ان ڪري ڪراچي ۾ 2کان ٽن ڏينهن ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي ۽ ائين ٺٽي ۽ سجاول ۾ پڻ 300 ميل ميٽر کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي.

اسان اصولي طور سنڌ کي ڪنهن به شڪل ۾ ملندڙ پاڻي جي آجيان ڪيون ٿا. ڀٽائي صاحب چواڻي ته ”قادر ڪرين ڪرم ته، ان جي وطن تي وس ٿئي“ سو سنڌ جنهن جو پاڻي ۾ ساهه هوندو آهي تنهن کي وفاقي حڪومت درياهي قانون موجب جڏهن پنهنجي پاڻي جو جائز حصو نه ڏيندي هجي ته ان صورت ۾ سنڌ کي رڳو ان طريقي سان ئي پاڻي ملي سگهي ٿو. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي حڪومت جي نااهلين ۽ بدانتظامي ڪلورن وگهي اهي آسمان مان وسندڙ رحمتون زمين تي زحمتن جو عنوان بڻجي وڃن ٿيون. پاڻي جنهن جي مهين جي دڙي واري دور ۾ پوڄا ڪئي ويندي هئي تنهن جي اجڙڻ کان پوءِ  قدري ۽ بي حرمتي وڌندي وئي ته لڳي ٿو ته ان به رد عمل ۾ پوءِ منهن موڙ ڪرڻ شروع ڪئي.اسان اڄ سنڌو درياهه کي جنهن نموني گدلو ڪيو آهي سو هڪ الڳ گناهه آهي. ٻيو ته اسان پنهنجي درياهه کي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ نه ڏنو، ان جي رستا روڪ ڪئي ان جي لنگهن تي اڏاوتون ڪيون سين، قبضا ڪياسين نتيجي ۾ 2010واري خوف ناڪ ٻوڏ جنم ورتو  جيڪو درياهه طرفان هڪ لحاظ کان چتاءُ هو ته جيڪڏهن منهنجي ايئن ئي رستا روڪ ٿيندي رهي ته پوءِ مان به اوهان کي تباهه ڪري ڇڏيندس.

ايئن سامونڊي طوفانن جي شدت کي ڪنٽرول ڪرڻ جو به سنڌ اندر هڪ فطري نظام هو، گهاٽا تمر جا ٻيلا  هوندا هيا جيڪي درياهي وهڪرن کي روڪڻ سبب ختم ٿي ويا يا هٿ سان وڍيا ويا جيڪي سامونڊي طوفانن جي شدت کي روڪيندا هيا.سو هي برساتون، دياهه ۾ آيل چاڙهه ۽ سامونڊي طوفانن کي آفتون بڻائڻ جو سبب اسان جي حڪومتي نااهلي آهي ۽ اها نااهلي رڳو ان هڪ معاملي سان سلهاڙيل پر مجموعي طور تي پنهنجي جوهر ۾ ئي اسان جو حڪومتي نظام ئي نااهل آهي، مدي خارج ۽ ناقص آهي.موجودهه جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ حڪومت ڪرڻ جو نيٽ ورڪ به جيڪر جديد ٽيڪنالا جي جو روپ ڏيکاريندو هجي پر افسوس ته اسان جو حڪومتي نظام جديد ته ٺهيو  ماضيءَ جهڙو به ناهي رهيو . انگريزن پنهجي دور ۾ ملڪ اندر جيڪو جديد حڪومتي نظام آڻڻ جي شرعات ڪئي  هئي تنهن کي ورهاڱي کان پوءِ  ٻنجو اچي ويو هو. هن  وقت ملڪ اندر برساتن، ٻوڏن جي روڪٿام جا جيڪي به آثار  نظر اچن ٿا سي انگريزن جي حڪومتي دور جون نشانيون آهن. معنيٰ ته ورهاڱي کان پوءِ اسان جي پنهنجن حڪومتن اصل ۾ حڪومت جو معيار ئي ڪيرائي ڇڏيو آهي.

اسان وٽ اڄ گڊگورننس جو تصور ئي ناهي جنهن کي الميو ئي چئي سگهجي ٿو جڏهن ته مٿي جيڪو اسان المياتي داستان بيان ڪيو آهي تن سڀني مسئلن ۽ معاملن جو حل صرف ۽ صرف گڊگورننس ۾ئي سمايل آهي ۽ اڄ جي حڪومتن وٽ وري گڊ گورننس جو آدرش ئي ناهي. حڪومت ڇا آهي، ان کي ڇا چئبو آهي ڄڻ اڄ جي حڪمرانن کي ان جي پروڙ ئي ناهي ۽ پروڙ آهي ته وري ان تي عمل ڪرڻ جي منجهن  صلاحيت ئي ناهي. سو سٺي حڪومت اها چئبي جيڪا ملڪي مسئلن کي اڀرڻ کان اڳ ئي ختم ڪري.  اسان وٽ ته عام حالتن ۽ ننڍين شئين ۾ ئي حڪومت جو ڪردار  نظر ناهي ايندو ته بحراني ۽ آفتن واري صورتحال کي منهن ڏيڻ واري صلاحيت وري ڪاٻي شيء  آهي.

اسان ڪالهه به ايڊيٽريل ۾ لکيو هو ته حڪمران جڏهن يورپ جي ملڪن ڏانهن ويندا آهن ته جيڪر  اتان جي حڪومتي نظام کي به نظر مان ڪڍي وجهن ۽ هتي اهڙو ڪاپي پيسٽ نظام جيڪر لاڳو ڪن پر منجهن ڪاپي پيسٽ ڪرڻ جي به صلاحيت ناهي.جيڪر اسان جا حڪمران ٻاهرين دنيا کان پڇن ته جنهن برساتن، ٻوڏن ۽ آفتن کي ڪيئن منهن ڏيندا آهيو ۽ پنهنجن وزيرن کي جيڪر پنهنجي وزارت بابت پر ڏيهه يا ڏيهه ۾ ٽريننگ ڪرائين خاص ڪورس ڪرائين ڇاڪاڻ ته لازمي ناهي ته هر سياستدان يا پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن قابل وزير جي به صلاحيت رکندو هجي. سو وزيرن جي ٽريننگ ڪرائڻ جو به هتي تصور ناهي. اسان وٽ  رڳو هر قيمت تي چونڊون وڙهي، کٽي حڪومت ڪرڻ ۽ وزارتون  وٺڻ کي زندگي ۽ موت جو اشو  بڻايو ويندو آهي پر جڏهن ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو وقت ايندو آهي ته ڳولهيا ناهن لڀندا.

بهر حال جيئن اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هي برساتي تباهيون، ٻوڏون ۽ آفتون حڪومتن جي نااهلين جو نتيجو آهن ۽ انهن جو حل سندن اهليت ۽ گڊ گورننس ۾ آهي. ڪجهه فطري ۽ سائنسي تقاضائون به آهن، اهي تقاضائون سنڌ ۾ آيل سامونڊي طوفان جو رخ موڙي به سگهن ٿيون،ان جي شدت گهٽائي به سگهن ٿيون ۽ آخري رپورٽون اهي ئي آهن ته سامونڊي طوفان سنڌ کان پنهجو رخ مٽائي ڇڏيو آهي، هاڻي اهو بلوچستان  ڏانهن آهي يعني سنڌ کي سڌو نشانو نه بڻائيندو، فطرت جي مهرباني جنهن سنڌ کي تباهي کان بچايو آ باقي پنهنجي حڪومتن مان ته ڪا اميد ئي ناهي. رسمي طور هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويندو آهي ۽ بس…

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.