سکر (رپورٽ : آزاد مهر) سنڌ ۾ گوسڙو ماسترن خلاف ڪات تکا ٿي ويا، سکر جا 8 عادي گوسڙو ماستر نوڪرين مان برطرف ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ لسٽون تيار ٿي ويون، سخت آپريشن جون تياريون شروع ٿي ويون آهن. سنڌ جي 6 ضلعن ۾ 20 سيڪڙو استاد بااثر وڏيرن وٽ منشي جو ڪم ڪرڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي جي چيف مانيٽرنگ آفيسر سکر محمد ثاقب صديقي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي ڊائريڪٽرن ۽ ڊي اي اوز کي غير حاضر استادن ۽ عملي، سميت درسي ڪتابن جي فراھمي جي شڪايتن ۽ اسڪولن ۾ غير ضروري اضافي عملي کي ھٽائڻ لاءِ خط لکڻ کانپوءِ گذريل ڏينھن ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي ۽ اسڪول کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن زين العابدين انصاري پاران مختلف اسڪولن جي دوري دوران بدانتظامي کانپوءِ ھائر سيڪنڊري سکر حافظ شھاب الدين انڍڙ 7 جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچرز ۽ هڪ ايڇ ايس ٽي کي غير حاضر رھڻ تي نوڪرين مان ڪڍي ڇڏيو، برطرف ڪيل استادن ۾ ضلعي سکر جا 7 جي ايس ٽي شفق زهرا، تنوير شاهه، ماهره سومرو، امجد علي، محمد عارف، جنيد احمد، وقار مظهر ۽ ايڇ ايس ٽي گل حسن جا نالا شامل آهن، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايلمينٽري سيڪنڊري، ھائر سيڪنڊري سکر حافظ شھاب الدين انڍڙ سمورن برطرف ٿيل استادن جا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، جاري ڪيل آرڊرز ۾ چيو ويو ته ڄاڻايل استادن کي غير حاضري جا سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا ۽ کين ذاتي ٻڌڻي جو موقعو پڻ ڏنو ويو پر سمورن استادن نه نوٽيس جو جواب ڏنو ۽ نه وري ذاتي ٻڌڻي تي پيش ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل استادن تي 1973 جي سروس قاعدن موجب ”ميجر پينلٽي“ لاڳو ڪندي کين نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي. چيف مانيٽرنگ آفيسر صالح پٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول جي غير حاضر عملي خلاف ڪارروائي ۽ ضرورت کان وڌيڪ مقرر ٿيل غير تدريسي عملي کي فوري طور ھٽائي جتي ضرورت ھجي اتي کين مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول روھڙي ۾ انرولمينٽ جي ڀيٽ ۾ شاگردن جي حاضري گھٽ ھئي، جڏھن ته اسڪول جي نئين پورشن جو ڪم رولڙي جو شڪار آھي، اسڪول مينجمينٽ ڪاميٽي ۽ استاد شاگردن ۽ والدين ۾ تعليم جي اھميت بابت آگاھي جو بندوبست ڪن ته جيئن شاگردن جي حاضري کي بھتر ڪري سگهجي.ذريعن ”عوامي آواز“ کي ٻڌايو آهي ته 50 کان 60 اهڙا تعليم کاتي جا ملازم ۽ استاد آهن جيڪي جلد برطرف ڪيا ويندا جنهن خلاف ڪارروائي هلندڙ آهي. ذريعن اهو ٻڌايو آهي ته سنڌ جي ضلعن گهوٽڪي، سکر، لاڙڪاڻو ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۾ اهڙا 20 سيڪڙو گوسڙو استاد آهن جيڪي سنڌ جي بااثرن ڀوتارن وٽ منشي جو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ پگهار تعليم کاتي کان وٺي رهيا آهن.ٻي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل شروع ڪندي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نگراني لاءِ 6 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي ، ڪميٽي جو چيئرمين ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سکر (ميمبر)، سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو روهڙي (ميمبر)، ضلعي بار ايسوسيئيشن سکر جو صدر (ميمبر)، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز سکر (ميمبر)، ڊائريڪٽر هائير سيڪنڊري اسڪول سکر (ميمبر) شامل آهن، اها ڪميٽي سرڪاري شعبي جي اسڪولن/ ڪاليجن ۾ عملي جي حاضري، فنڊن جو استعمال، اسڪول جي ملڪيت/ عمارت تي ڪا به حددخلي، ڪنهن به اسڪولن/ڪاليج جي انتظاميا کي هراسان ڪرڻ يا دٻاءُ ۾ رکڻ، ايجوڪيشن فائونڊيشن تحت هلندڙ اسڪولن جي عملي جي نگراني ڪندي ۽ هر مهيني جي مناسب ڏينهن تي هڪ اجلاس سڏائيندي جنهن ۾ رپورٽ پيش ڪيا ويندا جيڪڏهن فنڊن جو غلط استعمال، حددخليون، اثر رسوخ يا اسڪول/ڪاليج جي انتظاميا کي هراسان ڪرڻ وغيره جي ڪا شڪايت اچڻ جي صورت ۾ قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل ڪوارٽر کي ضروري حڪم پڻ ڏنو ويندو.