برساتن کان پوءِ وائکي ٿيل حڪومتي بدانتظامي

تحرير: مظهر خاصخيلي

ڪجهه ڏينهن کان  سنڌ مٿان چوماسي جي پيل برساتن کان پوءِ سنڌ مٿان 17 سالن کان وٺي حڪومت ڪندڙ حڪمرانن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. ڇو ته خاص ڪري بلدياتي کاتي اندر ماهوار اربين رپين جي ٿيندڙ ڪرپشن جي ڪري هن وقت سنڌ ۾ پيل برساتن جي ڪري ڳوٺن اندر ته پاڻي بيٺل آهي. پر جن شهرن کي ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين واري حيصيت مليل آهي. انهن شهرن جي روڊ رستن مٿان به گوڏي جيڏو پاڻي بيٺو آهي. جنهن کي ڪڍرائڻ ۾ چيئرمين ۽ سندن نگراني ۾ ڪم ڪندڙ انتظاميان مڪمل ناڪام ٿي وئي آ جنهن ڪري شهرين جي تڪليفن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. بيٺل پاڻي جي ڪري شهرن ۾ رهندڙ شهرين کي اچڻ وڃڻ ۾ جيڪا تڪليف پيش اچي ٿي ان کي ڪجهه پنن مٿان بيان نٿو ڪري سگهجي.

ان ڳالهه کي هاڻي مڃڻ گهرجي ته سنڌ کي چوماسي جي برساتن تباهه ناهي ڪيو پر سنڌ کي سري عام ٿيندڙ ڪرپشن تباهه ڪيو آهي ۽ جهڙي طرح سموري سنڌ جي چيئرمينن کي پنهنجي پنهنجي شهر جي ٽائون ميونسپل ڪاميٽي ضلعي ڪائونسل ۽ يوسي جي ملندڙ بجيٽ هضم ڪرڻ جي لاءِ سياسي رشوت طور تي کين ڇوٽ مليل آهي.ان ڪري اڄ سنڌ جا ڳوٺ واهڻ وستيون پاڻي ۾ ٻڏل آهن پر شهرن جا روڊ رستا به  تازو پيل برساتن جي ڪري پاڻي بيهي وڃڻ ڪري ٻڏل آهن جنهن ڪري سموري سنڌ جنهن طرف اک ڦيرائجي ٿي ته رڳو پاڻي پاڻي لڳو پيو  آهي. ۽ سنڌ جا رهواسي تمام گهڻو پريشان آهن خاض ڪري مسڪين مالوند مزدور هر هاري جن جي لاءِ هڪ طرف پيٽ جي باهه اجهائڻ جي لاءِ ٻن ويلن جي ماني پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اولاد جي لاءِ حاصل ڪرڻ مشڪل آهي.

ته ٻئي پاسي وري لکين مسڪين ماڻهن جي ڪچن گهرن جون وسندڙ ۽ ٽمندڙ ڇتيون سندن سورن ۽ تڪليفن کي ٻيڻو ڪري ٿيون ڇڏن ڇو ته جيڪي وزير مشير ۽ چيئرمين جا وري ڪامورا پنهنجن پڪن گهرن اندر وسندڙ ميهن دوران پنهنجي ٻارن پچن سان گڏ گهر اندر سڪون جي ننڊ ۾ ستل آهن انهن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته جڏهن مينهن ۾ گهر جي ڇت وسڻ ۽ ٽمڻ شروع ڪندي آهي. ته سموري گهر ڀاتين جي ننڊ ته اڏامي ويندي آهي. پر ان وقت انهن وٽ جيڪي احساس جنم وٺندا آهن انهن کي سمجهڻ جي لاءِ به ڪڏهن سٺي رات ائين مينهن ۾ ٽمندڙ ڇت جي هيٺان سمهي ڏسڻو پوندو آهي. پوءِ خبر پوندي ته جڏهن مينهن تيز ٿيندو آهي ۽ آسمان ۾ گجگوڙ جا واڄا ۽ کوڻن جا چمڪا ڪئين ڇرڪ ڀرائي انهن معصوم ٻارڙن جي دانهن تي اٿاري وجهندا آهن ۽  انهن کي ڀاڪر پائي آڇت ڏئڻ وقت پنهنجي من اندر پيدان ٿيندڙ آند ماند واري ڪيفيت ۽ بيوثي جا اکين مان ڪرندڙ لڙڪ جيڪي ڳلن مٿان ان نيساري جيان نار ڪري وهڻ شروع ڪندا آهن جيڪو تيز وسندڙ مينهن جي گڏ ٿيندڙ پاڻي کي ڇت مان هيٺ وهائڻ ۾ مدد ڪندو آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ بهتر حڪمراني هجي هان  ته اڄ اها ڳالهه لکندي به فخر محسوس ڪجي هان ته اسان جي حڪومت پنهنجي ماڻهن کي هر دور ۾ مالڪي ڪندي آهي ۽ هاڻي به ڪري پئي پر جتي صرف ڪرپشن ڪرڻ جي مهارت هجڻ جي ڪري ڪرسي مليل هجي اتي شريف ۽ مسڪين ماڻهون کي ڪهڙي اهميت ملندي  ان ڪري  سنڌ ۾ سدائين جيڪا حڪومت اقتدار تي رهي آهي.ان هميشه اصل واڳ ڌڻين جي چوڻ تي ڪمنداري ڪئي آهي.ڇوته سمورن وسيلن سان مالا مال سنڌ جي هن وقت به اها ساڳي پراڻي 20 سال اڳ واري صورت حال آهي. اڳ به لکين سنڌ جا ٻارڙا اسڪول ڪون ويندا هئا ،۽ اڳ به هن ڪمپيوٽر واري دوري ۾ جتي دنيان “گلوبل وليج ” هڪ ڳوٺ جو ڏيک ڏئي رهي آهي. ان دور ۾ به سنڌ جا لکين معصوم ٻارڙا اسڪول وڃڻ بجاءِ پنهنجي هٿن ۾ ڇولن جا ٿالهه کڻي وڪڻ تي مجبور آهن،هزارين گلن جهڙا معصوم فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا جاوري دڪانن تي بيٺل آهن ،ڪجهه پنهنجي هٿن ۾ لٺيون کڻي مال چارن ٿا .۽ حڪومت پاران ٺهرايل سوين اسڪولن جو ن بلڊنگون بند پيل آهن ،جن کي تالا لڳل آهن جا وري وڏيرن،سردارن،مير،پيرن جي مال جا واڙا بڻيل آهن ،انهن اسڪولن ۾ مقرر استاد پنهنجي ،پنهنجي تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سموري ڪاروبار ۽ راڄ ڀاڳ جو حساب رکڻ واري ڊيوٽي ڪندا آهن.هيءُ به هڪ اهڙو سچ آهي ،جنهن کان منهن نٿو موڙي سگهجي ۽ ها اهو به سچ آهي ته 40 سيڪڙو اهڙاستاد آهن جيڪي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪن ٿا ۽ اهڙن استادن جي ڪري سنڌ ۾ جيڪا تعليم بچيل آهي. اها نظر ٿي اچي باقي 60 سيڪڙو استادن کي هٿ سان اسان جي صوبائي حڪومت ۾ ويٺل چونڊيل نمائدا ڊيوٽي ڪرائڻ واري عمل کان آجو ڪرائي ويٺا آهن. هيءُ تعليم کاتي جو حال آهي ،ان کي ان موڙ تي پهچائڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي. ۽ هن احساسي محرومي کي پيدا ڪنهن ڪرايو آهي.

جڏهن ته سنڌ جي صحت کاتي مٿان ٿورو ڏسبو ته ڏندين اڱريون اچي وينديون. ڪنهن به اسپتال ۾ دوانٿي ملي مسڪين ماڻهو علاج ڪرائڻ جي لاءِ پريشان آهن.جيڪو سرندي وارو آهي، اهو ڪنهن ڀلي ڊاڪٽر کان پرائيويٽ اسپتال ۾ علاج ڪرائي ٿو باقي رهيو جيڪو روز ڪمائي روز کائي اهو ويچارو الله جو ماڻهو سرڪاري اسپتال جو رک ڪري ٿو جتي هڪ ته ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود ناهن جيڪڏهن موجود آهن ته مسڪين ماڻهو کي ڏسڻ جي لاءِ تيار ناهن جيڪڏهن ڪنهن مهرباني ڪري ڏٺو ته وري سرڪاري دوا نٿي ملي جنهن جي ڪري مسڪين ماڻهو ويچارو تمام گهڻو پريشان آهي .۽ ان ۾ جنهن احساسي محرومي جنم ورتو آهي. اڄ به سنڌ مٿان 17 سالن کان پ پ کي اقتدار ڏئي اهو ساڳيو سالن کان ڦرلٽ وارو سلسلو جاري آهي . ان ڪري هن ڌرتي مٿان وسندڙ چوماسي وارا مينهن رحمت بڻجڻ بجاءِ زحمت بڻجي ويا آهن جنهن ڪري ڪچن گهرن ۾ رهندڙ مسڪين هر وقت هٿ کڻي چون ٿا مالڪ مينهن وسائين ٿو ته ڪچا گهر نه ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.