بلوچستان صوبي جي مختلف علائقن ۾ ويڙهاڪن پاران ڪيل حملن سبب حالتون ڳڻتي جوڳيون ٿي ويون آھن.اهو شايد معمول آهي جڏهن بلوچ اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي ورسيءَ وارو ڏينهن اچي ٿو ته دهشتگرد ڪاروايون وڌي وڃن ٿيون. گذريل ڪجھه ڏينهن اڳ جڏهن 26 آگسٽ تي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيل حملن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 60 ٿي ويو هو جن ۾ 14 سيڪيورٽي اهلڪار به شامل ٻڌايا پئي ويا. بلوچستان جي موسيٰ خيل ۾ مسافرن کي گاڏين ۽ ڪوئلي جي ٽرڪن مان لاهي قتل ڪيو ويو. بلوچستان ۾ سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري خاص طور تي پنجاب سان تعلق رکندڙن کي قتل ڪرڻ جا واقعا بلوچستان ۾ سالن کان رونما ٿي رهيا آھن پر سرڪار انهيءَ سلسلي کي روڪي نه سگهي آھي. نتيجي ۾ بيدردي سان قتل ٿيڻ جا واقعا سامهون ايندا رهن ٿا.
تازو بلوچستان ۾ پيدا ٿيل صورتحال بابت گڏيل قومن جي اداري سخت مذمت ڪئي آهي.بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ’بلوچ لبريشن آرمي‘ (بي ايل اي) جي حملن ۾ ھڪ ئي ڏينھن ۾ 60 ماڻهن جي مارجڻ سيڪيورٽي ماهرن ۽ اختياري وارن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.سيڪيورٽي معاملن سان لاڳاپيل ماهرن جو چوڻ آهي ته بلوچ عليحدگي پسند تنظيمون پنھنجي حڪمت عملي سان ھاڻ منظم ۽ تجربيڪار نظر اچي رهيون آهن.آخرڪار ملڪي سيڪورٽي ادارا هيڏي ساري بجيٽ هوندي ڇا ڪري رهيا آهن هڪ خابرو اداري کي اهڙين ڪارواين بعد هڪ سينئر پوليس اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو هو ته اسان کي ان ڳالهه جو اندازو ھيو ته بي ايل اي 26 آگسٽ واري ڏينھن فورسز تي حملا ڪندي، پر ان ڳالهه جو اندازو نه هيو ته اھا سڄي صوبي ۾ ڪارروائي ڪري پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪندي.پوليس آفيسر ان خابرو اداري کي ٻڌايو ته ”ائين ٿو لڳي ته بي ايل اي انھيءَ ڏينهن جي لاءِ مهينن تائين تياري ڪئي هئي.“بي ايل اي جي ھڪ ڌڙي جو اڳواڻ بشير زيب ۽ ٻئي جو حرب يار مري آهي. بشير زيب گروپ جي ترجمان جيئند بلوچ حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان فوج جي جوابي ڪاروائي ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
بلوچستان حملن جي ڏينهن جي اهميت ڪهڙي آهي جو ملڪي سيڪوريٽي ادارا هڪ گهڙي لاءِ سڪتي ۾ اچي وڃن ٿا بلوچستان جي جنهن به علائقن ۾ شدت پسندي جي موضوع تي تحقيق ڪندڙ اداري ’دي خراسان ڊائري‘ سان لاڳاپيل محقق، امتياز بلوچ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته تازي ڪاروائي جو تعلق نواب اڪبر بگٽي جي 18هين ورسي سان آهي.
بلوچستان ۾ جن اڳواڻن جي ورسين تي عام طور بم ڌماڪا ٿيندا آهن، تن ۾ اڪبر بگٽي، بلوچ نيشنل موومينٽ جو اڳواڻ غلام محمد بلوچ، بي ايل اي جو بانيڪار بالاچ مري ۽ بي ايل اي جو فيلڊ ڪمانڊر اسلم اڇو شامل آهن.پاڪستان جي آزادي واري ڏينھن به پابندي مڙھيل بلوچ تنظيمون دهشتگردي جون ڪاروايون ڪيون هيون.
بلوچستان جي ھڪڙي ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين منظم حملا ڪري ويڙھاڪن جتي فورسز کي نشانو بڻايو، اتي پنجاب جا شھري به سندن نشاني تي ھئا.جتي مسافر گاڏين مان سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪري ماڻهن کي لاهي قتل پئي ڪيو ويو
انهن ڏينهن دوران ھٿياربندن بلوچستان کي ٽن صوبن سان ملائيندڙ اهم شاهراهون بلاڪ ڪري ۽ گاڏيون روڪي جن 23 مسافرن کي سُڃاڻپ ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو، تن مان گھڻي ڀاڱي پنجاب سان واسطو رکندڙ هيا.بلوچ ويڙھاڪن جي موسيٰ خيل ۾ ٿيل حملي مان ظاهر ٿئي ٿو ته بلوچ گروپن پنجاب جي ويجهو به پنهنجي سگھ وڌائي ڇڏي آهي.بلوچستان ۾ ويھن سالن کان وٺي شدت پسندي جي واقعن ۾ پنجاب سان واسطو رکندڙ استادن ۽ مزدور طبقي جو وڏو انگ قتل ٿي چڪو آهي.هن سال اپريل ۾ به بلوچ ويڙهاڪن نوشڪي ۾ منڊي بهاؤالدين جي 9 ڄڻن کي هڪ بس مان لاھي قتل ڪري ڇڏيو هو.
اسلام آباد جي هڪ تحقيقاتي اداري ’پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف پِيس اسٽڊيز‘ جي سربراهه محمد عامر رانا جو چوڻ آهي ته بي ايل اي پاران اهم شاهراهن کي بند ڪرڻ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته بي ايل اي اھو ظاهر ڪري رهي آهي ته ھو بلوچستان جي وڳوڙ کي پنجاب تائين پکيڙڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ھڪ ٻئي وڏي ويڙهاڪ گروپ بلوچ لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) پوئين مهيني دعويٰ ڪئي هئي ته سندن اڳواڻ کي سيڪيورٽي ادارن ايران جي سرحدي لڳ ھڪ علائقي مان گرفتار ڪيو آهي، پر ان حوالي سان پاڪستان ۽ ايران طرفان ڪو به بيان سامهون نه آيو.پاڪستان جي بلوچستان صوبي ۾ تازن پرتشدد واقعن کان پوءِ مختلف شهرن ۾ حالتون عام رواجي ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جڏهن ته پوليس انهن واقعن بابت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس عملدارن جي مطابق، اهي ڪيس موسيٰ خيل، بولان، لسٻيلي ۽ قلات ۾ ٿيڻ وارن واقعن تي داخل ڪيا ويا آهن. انهن ڪيسن ۾ دهشت گرديءَ جي ٽوڙ، قتل ۽ قتل جي ڪوشش وارا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.
پوليس جي دهشت گرديءَ جي ٽوڙ (سي ٽي ڊي) جي عملدارن پيو آهي ته تازن واقعن ۾ بندش پيل عليحدگي پسند تنظيم ملوث آهي.ان سلسلي ۾ ڪاروائيءَ جو آغاز ڪيو ويو آهي. پر اڃان تائين ڪنهن قسم جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.سي ٽي ڊيءَ مطابق، دهشت گردن جا فنگر پرنٽس ’نادرا’، جڏهن ته جسماني عضون جا نمونا پنجاب فرانزڪ ليب کي موڪليا ويا آهن.
تربت يونيورسٽيءَ ۾ فورسز جي ڪاروائي ٿي آهي هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز جي پاران بلوچستان جي ڪيچ ضلعي ۾ تربت يونيورسٽيءَ تي ڇاپي هڻڻ جا به اطلاع مليا آهن.هن ڪاروائيءَ دوران هاسٽل ۾ ليٻيلي واقعي ۾ مبينا طور ملوث آپگهاتي حملي ڪندڙ عورت، ماهل بلوچ جي ڪمري جي تلاشي ورتي وئي. ان وچ ۾مختلف سامان به قبضي ۾ ورتو ويو. فورسز هاسٽل ۾ رهندڙ ٻين شاگردن کان پُڇا ڳاڇا ڪئي آهي.
بلوچستان جي پوليس عملدارن تازن واقعن کان پوءِ ڪوئٽا ۾ ڪنهن به دهشت گردي جي خطري سان نبرڻ جي لاءِ پوليس کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. عملدارن سمورين پوليس اسٽشنن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ سان گڏ و گڏ پوليس وارن کي جديد اسلحو ڏيڻ ۽ گشت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
تازن واقعن کان پوءِ، ڪن تجزيه ڪارن چيو آهي ته بلوچستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڳوڙي صورتحال ۾ واڌ آئي آهي.اهڙين حالتن ۾ ڇا بلوچستان جا اسيمبليءَ جا ميمبر ان قابل آهن ته اهي پنهنجي چونڊن جي حلقي ۾ وڃي عوام جي اڳيان رياست جو موقف پيش ڪن.سندس لفظن ۾، وفاق ۽ پاڪستان جي فوج انهن واقعن تي جيڪا ڪاروائي ڪندا اها نظر ايندي. پر بلوچستان جا پنهنجا عوامي نمائندا ان ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا؟ ڪوئٽا ۽ اسلام آباد ۾ ويهي بيان جاري ڪرڻ سان اهي مسئلا حل نه ٿيندا.
اسيمبليءَ جي انهن ميمبرن کي پنهنجن علائقن ۾ وڃڻ گهُرجي ۽ بغاوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اهي ميمبر ائين نه ٿا ڪري سگهن تو صوبي جي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
هڪ ڏينهن اڳ گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقويءَ چيو هو ته بلوچستان ۾ دهشت گرد رڳو هڪ ’ايس ايڇ او’ جي مار جي وت جي برابر آهن. انهن جي خلاف ڪنهن آپريشن جي ضرورت نه پوندي. بلوچستان ۾ دهشت گردن لڪي حملو ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين سيڪوريٽي ادارا عوام کي جوڳو امن نه ڪرائي سگهيا آهن انڪري حڪومت کي گهرجي ته هو اعليٰ سيڪوريٽي ادارن کان مدد وٺي بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرائي.
هڪ ڏينهن اڳ گهرو معاملن جي وفاقي وزير محسن نقويءَ چيو هو ته بلوچستان ۾ دهشت گرد رڳو هڪ ’ايس ايڇ او’ جي مار جي وت جي برابر آهن. انهن جي خلاف ڪنهن آپريشن جي ضرورت نه پوندي. بلوچستان ۾ دهشت گردن لڪي حملو ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين سيڪوريٽي ادارا عوام کي جوڳو امن نه ڪرائي سگهيا آهن انڪري حڪومت کي گهرجي ته هو اعليٰ سيڪوريٽي ادارن کان مدد وٺي بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪرائي.