روهڙي ۾ پٽ غيرت جي نالي تي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)روهڙي جي علائقي پٽڻي ٿاڻي جي حد نارا ڪئنال جي ڪڙ سان رهندڙ معشوق شر پنهنجي سڳي ماءُ 40 سالا بيواھ شهناز شر کي غيرت جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اتي موجود ڀيڻ کي بچائيندي پٺاڻي شر کي ٻانهن ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي آهي اهڙو اطلاع ملڻ بعد پٽڻي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ۽ زخمي عورت کي روھڙي تعلقي اسپتال پهچايو جتي زخمي عورت زير علاج آهي ۽ لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو، ان ڏس ۾ پٽڻي پوليس جي وڏي منشي قيوم کونهارو ٻڌايو ته ٻن جوابدار معشوق شر ۽ بادل شر کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ هٿيار پڻ برآمد ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.