شريف ڀائر پنهنجي آءِ پي پيز جا پيسا ته ختم ڪن: حافظ نعيم الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته مخصوص طبقو آءِ پي پيز جي نالي تي مراعتون حاصل ڪري رهيو آهي. پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته هي پگهاردار طبقي کي چون ٿا ته ٽيڪس ڏيو، آءِ پي پيز جا واڳون ٽيڪس نٿا ڏين. هن چيو ته 5 آءِ پي پيز جا معاهدا پورا ٿي چڪا آهن انهن کي فارغ ڪريو هي سڀ ماڻهو معاهدن تي پاڻ ۾ ملي ويا آهن. جماعت اسلامي امير چيو ته آءِ پي پيز هزارين ارب رپيا ٽيڪس کائي چڪا آهن جيڪا بجلي ناهي ٺهي رهي، استعمال ناهي ٿي رهي عوام ان جا پيسا ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سريف ڀائر پنهنجين آءِ پي پيز جا ته پيسا گهٽ ڪن، جيڪڏهن هي آءِ پي پيز جا پيسا ختم ڪندا ته 25 رپيا في تونٽ بل ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.