حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، حورالنساءَ پليجو، عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ٽروپيڪل سائيڪلون کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل قدم کنيا وڃن، موجوده برساتن پيپلز پارٽي سرڪار جي ڪرپشن کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سرڪار سنڌ کي ماڪڙ جيان کائي رهي آهي. سنڌ جا سمورا وسيلا نيلام ڪري سنڌ جا حڪمران پنهنجا بڀ ڀري رهيا آهن. برساتن دوران عوام کي نقصان کان بچائڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته واهن ۽ ڪينالن جي کاٽين ۽ بندن جي مضبوطي جي بجيٽ هڙپ ڪندڙ ڪامورن ۽ حڪمرانن تي ڪيس هلائي سزائون ڏنيون وڃن.