ڊي آءِ خان مان ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 4 ڄڻا اغوا

اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) ڊيرا اسماعيل خان 28 آگسٽ واري ڏينهن هڪ مسجد مان ليفٽيننٽ ڪرنل سميت چئن ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو. علائقي جي مسجد ۾ فاتحه خواني ٿي هئي رهي ته هٿياربند آيا ۽ فوتي مرحوم جي گهرڀاتين آرمي آفيسر، اي سي ڪنٽونمينٽ بورڊ آصف خان، نادرا جي ملازم فهد امير ۽ سندس ڀائيٽي ابرار کي اغوا ڪيو ويو جنهن جي ذميواري بندش پيل تنظيم ٽيليگرام چينل تي قبول ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ميان والي ۾ چاليهي جي موقعي تي فرقيواراڻي وڳوڙن کانپوءِ ڪرفيو واري صورتحال آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس معطل آهي. ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي جڏهن جلوس ڪڍيو ويو هو ته اهو مقرر روٽ کان هٽي ويو ته ٻي ڌر پاران اعتراض ڪيو ويو ۽ جلوس واري ڌر جا 2 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ٻي ڌر جو هڪ زخمي ٿيو هو. ان وقت کان وٺي ڪرفيو جهڙي صورتحال آهي. هوڏانهن بلوچستان ۾ صورتحال ڳنڀير آهي پر گهرو وزير محسن نقوي جيڪو ايس ايڇ جي مار وارو بيان ڏنو آهي تنهن تي کانئس پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، اهو بيان هن انتهائي غير ذميواراڻو ڏنو آهي، هو پاڻ کي آرمي جو ماڻهو سڏي ٿو پر اهڙي ريت هو آرمي کي به بدنام ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.