ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته ايف بي آر سميت وفاقي ادارا پنهنجو ڪم صحيح نموني نٿا ڪن ۽ پوءِ بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪن ٿا. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ سنڌ جي 2 لک خاندانن کي سولر سسٽم ڏيڻ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو مستحق خاندانن ۾ هڪ سولر پينل، هڪ پکو ۽ ٽي لائٽ بلب ورهايا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته عوام 2 مهينن جي رليف جي چڪر ۾ 12 مهينا برداشت ڪري ٿو، پوءِ سولر سسٽم بهتر آهي، بجلي جي مسئلي جو مستقل حل چاهيون ٿا، منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، وچولي طبقي جي ڏکيائين ۽ نوڪري ڪندڙ ماهرن جو به اندازو لڳايو ويو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ انهن کي به سبسڊي ڏني ويندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران حڪومت دوران اسان لانگ مارچ ڪيو، پوءِ حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 20 رپيا گهٽتائي ڪري معيشت کي نقصان پهچايو . سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته اها پ پ جو چونڊ منشور ڏسي، ان ۾ بجلي جي موجوده مسئلن جو حل موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سولر هوم سسٽم (ايس ايڇ ايس) ورهائڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته مقامي ٿرڪول جي ترقي کان علاوه هيستائين مختلف منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. وڏي وزير موجب مڪمل ٿيل منصوبن ۾ ٺٽي ضلعي جي شهر جھمپير ۾ ونڊ ڪوريڊور جي ترقي شامل آهي جنهن مان 1845 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. وڌيڪ ته 40 پبلڪ سيڪٽر عمارتون جنهن ۾ اڪثر اسپتالون آهن انهن کي 26 ميگاواٽ جي گنجائش سان سولر پينل ڇت سان ليس ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه 352 ڳوٺاڻن صحت مرڪزن کي ٽن ڪلو واٽ جي معياري سولر سسٽم سان سولرائيز ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته سرڪاري اسڪولن، ڪاليجن، بنيادي صحت مرڪزن، جيلن ۽ سرڪاري عمارتن کي سولر پينل لڳائڻ جي 24 اسڪيمن تي ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊسٽريبيوشن ڪمپنيون عوام کان وڏن بلن جي مد ۾ اوڳاڙي کي منهن ڏئي رهيون آهن. صوبائي توانائي کاتي 300 يونٽن تائين بجلي استعمال ڪندڙ گهرن جا انگ اکر گڏ ڪيا آهن جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته 26 لک گهرن کي بجلي جي سهولت ناهي. هن چيو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاء گرين انرجي جا ڪيترائي منصوبا آن گرڊ ۽ آف گرڊ شروع ڪيا ويا آهن. مراد شاهه چيو ته بيٽرين ۽ انورٽر جي فراهمي سان گڏ آف گرڊ ڊي سي سسٽم ۽ آن گرڊ اي سي سسٽم ذريعي سولر هوم سسٽم جي مختلف آپشنز تي دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي. ساحلي پٽي ۾ ننڍي ونڊ ٽربائن هائبرڊ ۽ سولر مائيڪرو گرڊز ۾ وڏي واهپي جي گنجائش موجود آهي. ڪينجهر ڍنڍ تي 500 ميگاواٽ جو فلوٽنگ سولر پراجيڪٽ، بجلي پيدا ڪرڻ کان علاوه پاڻي جي بخارجڻ کي به چائيندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (سيپرا) قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان کي ايندڙ ٽن مهينن ۾ فعال ڪيو ويندو. هن چيو ته سيپرا جي قيام سان بجلي منصوبن جي لاڳت ۾ هڪ ڏهائي ٽيون في يونٽ – ٽرانسميشن لائين ويلنگ چارجز سميت 18 رپيا في يونٽ تائين گهٽتائي ايندي ۽ وڌيڪ چيو ته اهي سڀئي شروعاتون آخرڪار موسمياتي تبديلي جي اثرات کي گھٽائي ڇڏينديون. ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو ته سولر هوم سسٽم ۾ 80 کان 100 واٽ جي سولر پي وي پليٽ، گهٽ ۾ گهٽ 18 ايڇ ليٿيم آئن بيٽري، هڪ ڊي سي فين، 3 ايل اي ڊي بلب ۽ موبائل چارجنگ شامل هوندي. هن وڌيڪ چيو ته سسٽم جي ڪاٿي لاڳت لڳ ڀڳ 50،000 روپيا آهي جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، ٽيڪس ۽ ڊيوٽيون شامل آهن ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن کي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. هن چيو ته هر هڪ فائدو ماڻيندڙ 6000 رپيا ٽوڪن رقم ادا ڪندو. ناصر شاهه چيو ته شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي ڊيٽا کي گهٽ آمدني وارن گهرن جي رجسٽريشن لاءِ گهرن جي اهليت لاءِ معيار طور استعمال ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ته 21 کان 50 تائين هڪ غربت سڪور ڪارڊ شروعاتي طور استعمال ڪيو ويو آهي.