سکر(رپورٽ:آزاد مھر) روھڙي ڀرسان جھانگڙو ٿاڻي حد ڳوٺ خرم خان جاگيراڻي ۾ مال جي چوري تان جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو گوليون لڳڻ سبب هڪ ڌر جي علي رضا پٽ عزيز جاگيراڻي ۽ عاشق پٽ خادم حسين جاگيراڻي جڏهن ته ٻئي ڌر جو چوڏنهن سالن جو جمشير پٽ خادم جاگيراڻي قتل ٿي ويا جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿي پيا جڏهن ته واقعي واري ھنڌ پوليس پھچي فوتين ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال روھڙي آندو ويو زخمين ۾ ڪيترن جي ڳڻتي جوڳي حالت ھجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.