بدين: بدين ضلعي ۾ 2022 جي برساتن ۾ ٿيندڙ نقصان گھرن جي ٻيھر بحالي وارو ڪم ٻن سالن تائين پورو نه ٿيو اين آر ايس پي رڳو سروي بعد ڪجھ علائقن ۾ ھڪ قسط جاري ڪرائي سگھي مٿان وري 2024 جي تباھي به ساڳين ماڻھن تي ڪڙڪي پئي پر غلط رٿا بندي سبب حڪومت جا عوام جي ڀلائي وارا سمورا ڪم رولڙي جو شڪار ٿيندا نظر آيا آھن