بدين ضلعو ٻڏي ويو، سم نالا ابتا وهڻ لڳا،رليف سرگرميون شروع ئي نه ٿيون

بدين(رپورٽ:رازقڏنو کوسو)بدين ضلعو برساتن ۾ ٻڏي ويو سنڌ حڪومت پاران ريليف سميت ڪوبه تحرڪ نه ورتو فصل،ڳوٺ برساتي پاڻي جي گھيري ھيٺ وڏو وزير سيد مراد علي شاھ شاھي پروٽوڪول سان بدين اچي مين روڊ تان سم نالن کي ڏسي فوٽو گرافي  ڪرائيندي واپس روانو ٿي ويو، بدين ضلعي جي 14 وارڊن ۾ برساتي پاڻي تلائن جي صورتحال ۾ بيٺل ماڻھون گھرن اندر ڦاٿل نه رليف ڪيمپ قائم ڪيون ويون نه برساتي پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻھن کي ڪڍڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا،ريليف فوڪل پرسن بدين سيد ذوالفقار شاھ تي بدين جا سمورا ايم پي اي۽ ايم اين اي ناراض ٿي ويا، برسات جون تباھ ڪاريون چوٿين ڏينھن به جاري آهن سمورا تڪن مان چونڊيل نمائندا غائب  آهن،سم نالن جي حالت بدستور خراب بنجي وئي بدين جي سامونڊي پٽي جي مختلف علائقن ڀڳڙا ميمڻ احمد راحو . شيخاڻي گھاڙي ٻھڊمي لاکو پير،فقير ناٿو خان لنڊ وارن علائقن جي آس پاس وارن سوين ڳوٺن جو رابطو مڪمل طور مک روڊن کان ڪٽيل آھي ضلعي انتظاميه بدين پاران پنھنجي ھر سال واري سستي واري روايت برقرار رکڻ سبب وڏو انساني الميو پيدا ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو،ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي  جي به سخت کوٽ پيدا ٿي ويئي جڏهن ته  آرمي شگر مل ڀرسان نڪرندڙ ڪاروسم نالي جو پاڻي مختلف ڳوٺ اندر داخل ٿي ويو ڪيترائي گھر ڪري پٽ ٿيا آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.