هر ماڻهو اها ته پروڙ رکندو آهي ته جيسيتائين مينهن وسندو آهي تيستائين شهر هجن يا ڳوٺ وڏيون شاهرائون هجن يا ننڍا روڊ رستا اتي برساتي پاڻي تلائن جو ڏيک ڏيندو آهي، هلندڙ برساتن ۾ ٽريفڪ هلندي ته ان جا پنهنجا مسئلا ٿيندا ۽ اها به حقيقت آهي ته هلندڙ برساتن ۾ پاڻي جي نيڪال جا ڪم به سست ٿيندا آهن پر سوال اهو آهي ته جڏهن برسات بيهي ويندي آهي ته پوءِ ڇا دنيا جي سڌريل ملڪن جيان اهڙو انتظامي نظام آهي جو پاڻي شهرن، شاهرائن ۽ روڊن رستن تي بيٺل نظر ئي نه اچي، ان ڪري ئي اسان پنهنجن حڪمرانن کي چوندا آهيون ته جڏهن به يورپي ملڪن جو دورو ڪن ته اتان جي حڪومتي ۽ انتظامي نظام کي به اک مان ڪڍي اچن ۽ معلومات وٺن ته اهي هلندڙ برسات ۽ پوءِ وارين حالتن کي ڪيئن منهن ڏيندا آهن ۽ پوءِ اهو حڪومتي ۽ انتظامي نظام ڪاپي پيسٽ ڪري هتي به لاڳو ڪن حڪومت کي ان حوالي سان آبڪلاڻي ۽ ميونسپل کاتن جي آفيسرن ۽ ملازمن کي پر ڏيهه تربيت لاءِ موڪلڻ گهرجي ته جيئن انهن کي پنهنجي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ۽ اهو موقعو مهيا ڪرڻ حڪومت جو ئي فرض آهي مطلب ته برساتن کي منهن نه ڏئي سگهڻ وارو هي حڪومتي ۽ انتظامي نظام هاڻي ائين نه ٿو هلي سگهي.
ائين به ناهي ته ڪو هيءَ بد انتظامي رڳو هن سال واري برساتن ۽ درياهن ۾ چاڙهه سبب نظر آئي آهي پر هيءَ صورتحال گذريل ڪيترن سالن جو ايڪشن ري پلي آهي هر سال چوماسي ۽ ٻوڏن جي موسم ۾ برساتون ناقص انتظامي نظام جو اڇو چٺو بڻجي ظاهر ٿيندو آهي، هر سال انتظاميا تي سخت ترين تنقيد ٿيندي آهي ايئن اسان به هر سال آبڪلاڻي کاتي ۽ ميونسپل ادارن جي موسم کان اڳ حڪومت، آبڪلاڻي کاتي ۽ ميونسپل ادارن کي ياد ڏياريندا رهيا آهيون ته اڳواٽ ئي هوم ورڪ ڪيو، واهن ۽ نالن جون کوٽايون ڪرايو، بند مضبوط ڪرايو شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جو بر جستو انتظام ڪيو، نالن ۽ نالين کي اڳواٽ ئي صاف ڪرايو پر مجال جو حڪومت گذريل سالن جي تلخ ۽ خوف ناڪ تجربن مان سکڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي هجي جنهن تي حيرت جو ئي اظهار ڪري سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته پهرين ۽ آخري ذميواري حڪومت جي هوندي آهي پر هتي ٿيندو ائين آهي ته جڏهن ايمرجنسي جي صورت حال پيدا ٿيندي آهي هڪ وقت ئي برساتن ۽ ٻوڏن سان سنڌ ۾ ٻوڙان ٻوڙ ٿيندي آهي، متاثر علائقن جا دورا ڪندي آهي ۽ متاثر ماڻهن جي مالي سهائتا جا اعلان ڪندي آهي .
هن ڀيري به ائين ئي ٿي رهيو آهي هاڻي جڏهن ايمرجنسي جون حالتون پيدا ٿيون آهن ته وڏي وزير سميت وزيرن دورا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهن. جيتوڻيڪ اها سٺي ڳالهه آهي ته ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيهجي ۽ حالتن جو ضرور جائزو وٺجي پر اهڙن دورن ۽ جائزن جي چئوماسي ۽ آبڪلاڻي جي موسم اچڻ کان اڳ ۾ وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. اسان ته هر سال جي انهن خراب نتيجن کي ڏسندي هاڻي به حڪومت کي خاص ڪري سنڌ سرڪار کي صلاح ڏينداسين ته هاڻي بندن، واهن، نيڪال وارن نالن تي جيڪو ايمرجنسي ۾ڪم ٿيو آهي يا ٿي رهيو آهي تنهن کي جاري رکيو وڃي ته جيئن اڳتي جي صورتحال بهتر ٿيل نظر اچي.
اهو ڪم جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته آخري ذميواري بهرحال حڪومت جي ئي آهي، ان وٽ ادارا به آهن ته وسيلا به آهن پوءِ سڀ ڪجهه هوندي ايڏي انڌير نگري ڇو آهي. ادارا مسلسل ڪم ڇو نٿا ڪن، معاملن کي اپ ڊيٽ ڇو نه ٿا رکن، گهر ويٺي پگهارون ڇو ٿا کڻن. ڇا اهو ضروري آهي ته آبڪلاڻي جو کاتو يا ميونسپل جا ادارا صرف تڏهن ڪم ڪندي نظر اچن جڏهن سڄي سنڌ ٻوڙان ٻوڙ ٿيندي ڇا اڳواٽ ۽ لاڳيتو ڪم ڪرڻ جو ماحول پيدا نه ڪيو ويندو. ٿيڻ ائين گهرجي ته حڪومت پنهنجي هر وزارت کي 24 ڪلاڪ مانيٽر ڪرڻ جو انتظام ڪري جيڪي وزير وزارتون وٺي سمهي پون ٿا تن کي ڪنهن قسم جي غلفت جو موقعو نه ڏجي اهو ڪم ئي ته صوبن جي وڏن وزيرن جو هوندو آهي ته اهي پنهجي ڪابينا کي متحرڪ رکن ۽ عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏين ۽ اکين مصيبت توڙي آفتن کان بچائڻ جو جوڳو انتظام ڪن.
في الحال حڪومتن جي ڪارڪردگي کي اسان انتهائي ناقص سمجهون ٿا ۽ ائين ٿو نظر اچي ته ادارن کي هلائڻ وارو ۽ انهن کان ڪم وٺڻ وارو ڄڻ ڪو آهي ئي نه، جنهن نتيجي ۾ عوام بي يارو مددگار آهي. سو حڪومت کي لاڳيتو ان پاسي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هر وزارت جي ڪارڪردگي تي اک رکڻ گهرجي ۽ انهن کان جوڳو ڪم وٺڻ گهرجي. اهو به نظر ٿو اچي ته جديد ٽيڪنالاجي مان عام ماڻهو ته تمام گهڻو فائدو وٺي رهيا آهن پر جيڪڏهن ڪا ڌر فائدو نه ٿي وٺي ته اها حڪومت ئي آهي پر هاڻي جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ائين ڪم نه هلندو ۽ ملڪ کي دنيا جي ٻين ملڪن جي حڪومتن جيان هلائڻو پوندو.