جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام
نڪي ڀڳو پڃرو نڪي پر ٿيام. ،،،،،،،، ڀٽائي
سنڌي ادبي سنگت عورتن جي شاخ جي باري م گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاءِ ملي رهيو آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڇو هر پاسي کان عورت شاخ کي ئي نشانو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ ۽ تنظيمن ۾ عورتن جون شاخون هونديون آهن پر ڪڏهن به انهن تي آڱر نه کنئي وئي آهي جيئن سگا ۾ به عورتن جي الڳ شاخ رهي چڪي آهي ايئن ٻيون به ڪيتريون ئي تنظيمون آهن. جتي عورت مرد سان گڏ آهي ته اها شاخ ۽ اها تنظيم قبول آهي پر جتي عورتون اڪيلي سر پنهجو ڪم ڪرڻ چاهين ٿيون ته سئو سوال ڇوٿا پيدا ٿين. ڪو ٿو چئي ته هي بيگمات جي گڏجاڻي آهي ‘ ڪو ٿو چئي هي پردي ۾ويهي رهنديون پر شاخ پنهجي ڪاميابي سان روان دوان آهي آخر عورت جي سماجي ڪم ڪرڻ م تڪليف ڇو ٿي محسوس ڪئي وڃي.
عورت ھر روپ ۾ خوبصورت آهي، اها عورت ئي آهي جنهن. جي ساٿ سبب مرد پنهجي زندگيءَ کي سرخرو محسوس ڪري ٿو ايئن سماج م سرخرو ٿي گهمي ٿو اسان جي معاشري جا اهڙا فرد آخر ڪڏهن عورت جي وجود کي قبول ڪندا يا سدائين اسان پنهجي عورت جي ذهانت ڏاهپ عقل علم ادب بابت پئي صفايون ڏينديون رهنديون سين. اسان عورتن کي تنظيم جو منشور سمجهھ م ايندو آهي ااسان کي پنهجو نظريو پيش ڪرڻ به ايندو آهي ‘ ايئن اسان پنھجن پروگرامن جي ايجنڊا به ئاهي سگهون ٿا ائين وري جو ڪو سوشل ورڪ ڪرڻ چاهيون ته اهو به ڪري سگهون ٿا،
ادبي سنگت عورت شاخ جو سڀئي ميمبر بهترين عورتون آهن جيڪي پنهنجي ڪامياب زندگي گذاري آيون آهن،۽ مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ھليون آهن. ڪي اديبائون آهن شاعري ڪندڙ آهن ۽ پنهنجي گهر ٻارن جي بهترين تربيت ڏيندڙ آهن.
مون ويهن سالن جي عمر ۾ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ جاب ڪئي. مون سان گڏ ڇوڪرا به انٽرويو ڏيڻ آيا هيا، تمام بهترين پڙهيل لکيل هيا پر ڪمپني جي مالڪ مونکي نوڪري صرف ان ڪري ڏني جو سندس خيال هو ته جيترو ڇوڪري آفيس جو خيال رکي سگهي ٿي اوترو ڇوڪرو نٿو رکي سگهي ڇو جو قدرت واري عورت ذميوار کي ئاهيو آهي سو ڪو مرد ڪئين ٿو سوچي سگهي ته ڪو به ادارو يا ڪا تنظيم عورت اڪيلي سر نٿي هلائي سگهي.