حڪومت 9 ارب ڊالر قرض ملتوي ڪرائڻ ۾ ناڪام، آءِ ايم ايف پروگرام رڪجي ويو

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت 9 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض ملتوي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ۽ رڳو 426 ملين ڊالر وڌيڪ قرض وٺي سگهي ٿي، جنهن سبب آءِ ايم ايف پنهنجو پيڪيج ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. اڱاري  تي اقتصادي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته حڪومت جولاءِ ۾ 9 ارب ڊالرن جو قرض واپس نه ڪري سگهي آهي ۽ رڳو جولاءِ ۾ 426 ملين ڊالرن جو قرض حاصل ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪري رهي آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان 7 ارب ڊالرن جو نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ چيني، سعودي ۽ اماراتي ڪيش ڊيپوز تي رولنگ سان گڏ پرڏيهي ڪمرشل بئنڪن کان نئون قرض حاصل ڪرڻ لاءِ 3 شرط به لاڳو ڪري رهيو آهي سعودي عرب کان 5 بلين ڊالر، چين کان 4 بلين ڊالر ۽ امارات کان 1 بلين ڊالر قرض رول اوورڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مهيني انهن قرضن جي ڪا به ادائيگي ناهي ڪئي وئي.  ياد رهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي قرض جي پيڪيج جي منظوري لاءِ 30 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي هئي پر آءِ ايم ايف وقت تي قرض معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب اها منظوري ملتوي ڪري ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ريڪوڊڪ مائننگ پروجيڪٽ ۾ 15 سيڪڙو شيئرز جو معاملو طئي ٿي ويو ته ان صورت ۾ سعودي عرب پاڪستان کي 5 ارب ڊالرن جو قرض ملتوي سان گڏ پاڪستان کي 1.2 بلين ڊالرن جي  تيل جي سهولت به ڏيندو. ياد رهي ته وفاقي حڪومت جو وقت ختم ٿي رهيو آهي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڌيڪ دير سان سنگين پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن منظوري جو اهو عمل آڪٽوبر تائين مڪمل نه ٿيو ته آءِ ايم ايف به حڪومت کان مني بجيٽ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.