اسلام آباد(عمران شفقت) فيض حميد ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتاريون ۽ انڪشاف،خبر موجب آءِ ايس آءِ جي گرفتار سربراهه جنرل(ر)فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، ميجر جنرل جي اڳواڻي ۾ جاچ جاري آهي، فيض حميد کي مارڪٽ واري نوبت اڃا ناهي ٿي،ارشد شريف قتل ڪيس جي به هن کان جاچ جاري آهي،ميجر اويس ماضي ۾ فيض حميد جو اسٽاف آفيسر هو جنهن کي فيض حميد پي ڊي ايم حڪومت دوران وزيراعظم هائوس ۾ مقرر ڪرايو هو جيئن شهبازشريف جي جاسوسي ڪري سگهجي،ان وقت ۾ وزيراعظم شهبازشريف ۽ هڪ آفيسر توقير شاهه جي به آڊيو ليڪ ٿي هئي،ان ميجر جي والد ريٽائرڊ برگيڊيئر کي به فيض حميد جيو ٽي وي چئنل ۾ رکرايو هو،فيض حميد نيٽ ورڪ ۾ شامل آءِ ايس آءِ جو سول ملازم ارسلان ستي هڪ سيف هائوس ۾ رکيل آهي،جنهن پشاور ۾ شهيد ارشد شريف کي دبئي موڪلڻ ۾ مدد ڪئي هئي،هڪ ٻئي جوابدار رحمت کي اداري کان فارغ ڪيو ويو آهي فيض حميد کي تحريڪ انصاف جي تحريڪ ۾ هڪ لاش جي ضرورت جي پيش نظر ارشد شريف کي قتل ڪرايو،فيض حميد جي پي ٽي آءِ جي روپوش اڳواڻ مراد سعيد سان رابطن جي به تصديق ٿي چڪي آهي