اسلام آباد (م ڊ) ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب طرفان اسي ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري وارو معاهدو هلندڙ هفتي ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 80 ڪروڙ ڊالرز مان 65 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ۽ 15 ڪروڙ ڊالر چاغي ۾ ڊيولپمينٽ لاءِ خرچ ٿيندا. ذريعن موجب، اسي ڪروڙ ڊالرز جي سيڙپڪاري جو معاهدو هلندڙ هفتي ٿيندو، سيڙپڪاري معاهدو طئي ٿيڻ آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ کان قرض جي منظوري لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جڏهن ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۽ قرض رول اوور کانپوءِ چين به قرض رول اوور ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي اڄ ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ توانائي وزارت جون اختياريون بريفنگ ڏينديون ۽ بريفنگ کانپوءِ حتمي منظوري لاءِ معاهدو ايندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.