چين پاران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مذمت، سهڪار وڌائڻ جو اعلان

بيجنگ (م ڊ) چين بلوچستان ۾ تازن دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان سان سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ جو اعلان  ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ دوران چيو ته دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ انهن حملن ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته چين دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد جاري رکندو. ترجمان چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي خلاف مضبوط بيٺو آهي. اسان دهشتگردي خلاف آپريشنز کي اڳتي وڌائڻ، سماجي هم آهنگي ۽ استحڪام برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جي حفاظت ۾ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.