اڊيالا جيل جي 14 اهلڪارن تي عمران جي سهولتڪاري جو الزام

اسلام آباد (فخر دراني): پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض حميد جو جيل ۾ رابطن جو نيٽ ورڪ پڪڙجڻ کانپوءِ به عمران خان جي سهولتڪاري جاري آهي. عمران خان ۽ فيض حميد اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم ذريعي هڪٻئي سان رابطا ڪندا هئا، ان جي گرفتاريءَ ٻن ڏينهن اندر پنجاب پوليس اڊيالا جيل جي 14 اهلڪارن کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، انهن مان ڪجهه ماڻهن خلاف جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي  طرف فيض حميد ٽاپ سٽي معاملي ۾ مٿس لڳل سمورا الزام قبول ڪري ورتا آهن، جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سهڪار ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.