اسلام آباد (م ڊ) وڪيل ۽ فوج جي ڪرنل (ر) انعام الرحيم چيو آهي ته کيس جنرل فيض حميد اغوا ڪرايو هو. اعزاز سيد جي ولاگ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جنرل ڪياني 2012 ۾ ايڪسٽينشن وٺڻ چاهي پيو ۽ مان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني. مون کي پيغام ڏنو ويو ته پٽيشن واپس وٺو. ڳوٺ مان واپس ايندي هنن منهنجي گاڏي تي حملو ڪيو ۽ کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي پر ماڻهن جي اچڻ سبب بچي ويس. ٻئي ڏينهن هنن منهنجي گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي. جنرل ڪياني وفد موڪلي معافي ورتي مان ڪيس تان هٿ کنيو. وڪيل ۽ ڪرنل (ر) امام الرحيم 2019 ۾ جنرل باجوا جو مدو ختم ٿيڻو هو. مان عدالت ۾ درخواست ڪئي. عمران خان جي حڪومت ايڪسٽينشن واري هڪ جعلي سمري پيش ڪئي. جڏهن ٽن مهينن جي واڌ جو فيصلو آيو ته اسان ليگل فورم جو اجلاس گهرايو. ان ئي ڏينهن جنرل فيض حميد ۽ جنرل باجوا مون کي کڻايو ۽ 37 ڏينهن گم ڪيو ويو. اتي آرمي جا آفيسر ملڻ ايندا هئا مان کين چيو ته قانون جي حڪمراني هجڻ گهرجي، منهنجي ڳالهه کي هو مڃيندا هئا.