راولاڪوٽ(م ڊ) ڪشمير ۾ تازو ٿيل احتجاج ۾ سرگرم ٻن شاگرد اڳواڻن خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدارن ۾ هڪ شاگردياڻي به شامل آهي، جنهن کي عباس پور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، راولاڪوٽ جي ٿاڻي تي هڪ ٻئي شاگرد اڳواڻ خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.انهن ٻنهي ڀارتي شهر ڪولڪتا ۾ ڊاڪٽرياڻي جي ريپ ۽ قتل واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ نظم شيئر ڪيو هو، هن نظم کي پاڪستان ۾ به ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي شيئر ڪيو آهي.شاگردياڻي جي ڀاءُ بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته فيس بڪ تي پوسٽ کانپوءِ مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ کي ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون، ماڻهو اسان جي اباڻي علائقي ۾ گڏ ٿي نعرا هڻندا، ڪيس مقامي مذهبي شخصيت طاهر بشير پاران داخل ڪيو ويو آهي.شاگردياڻي جو تعلق لائين آف ڪنٽرول ڀرسان عباسپور واري علائقي سان آهي جيڪا ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردياڻي به آهي.هوءَ گذريل ڇهن سالن کان ڪراچي ۽ راولڪوٽ ۾ سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ تمام گهڻي سرگرم آهي ۽ هڪ شاگرد تنظيم جي سرگرم اڳواڻ آهي.