لاهور ( بيورو+م ڊ ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته تاجر دوست اسڪيم ظالماڻو آهي، ٽيڪس ڏيڻ تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، مارڪيٽن جي نشاندهي ڪري ٽيڪس لڳايو وڃي، ڪيپسٽي پيمنٽ نه ورتو وڃي قيمت اڌ رهجي ويندي، هن چيو ته اڄ هر حال ۾ سڄي ملڪ اندر هڙتال ٿيندو ، عوام بجلي بلن سبب پريشان آهي، حڪومت سنجيده ٿي عوام کي رليف ڏيڻ قدم کڻي ، بلوچستان ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جيڪو ڪجهه ٿيو اها کليل دهشتگردي آهي، ان کي قبول نه ٿو ڪري سگهجي، پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته بلوچستان ۾ جڏهن به ماڻهو لاپتا ٿين ٿا ته هر باشعور ماڻهو انهن سان گڏ بيٺو آهي، اسان لاپتا ماڻهن جي معاملي تي سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريون ٿا پر ٻولي ۽ برادريءَ جي بنياد تي ماڻهن کي بسن مان لاهي قتل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه رڳو مذمت جوڳو پر کليل دهشتگردي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه رڳو مذمت جوڳو پر کليل دهشتگردي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي. امير جماعت اسلامي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪندي چيو ته ڪٿي آهي بلوچستان جي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت، ڪٿي آهن سندن ادارا، هن سموري دهشتگردي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن.