لاهور (عمران شفقت): بلوچستان جو مسئلو انتهائي مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي. هاڻي حالتون ايترو ته خراب ٿي ويون آهن جو انهن کي حل ڪرڻ سولو ناهي رهيو، هاڻي پنجابي بلوچن ۽ بلوچ پنجابين خلاف ٿي بيٺا آهن، اهو ڪم ڪري اسان دشمنن جو ڪم سولو ڪري رهيا آهيون. اهو دشمنن جو پلان آهي ته پاڪستان جي قومن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ختم ڪجي. اها ويڙهه عالمي ايجنڊا تي عمل جو ثبوت آهي. پاڪستان جي سياسي قيادت کي بلوچستان مسئلو حل ڪرڻ لاءِ پاڻ اڳڀرائي ڪرڻي پوندي.