اسلام آباد ( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ پرچم کي قبول ڪرڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه جا رستا کليل آهن پر دشمن سان نه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون نه ئي نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن دوران دهشت گردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار پڻ شهيد ٿيا. وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ڪرڪ ۾ به معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن جو افغانستان ۾ نيٽ ورڪ آهي، سندن خلاف اثرائتا آپريشن پڻ ٿيا آهن.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو. شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ترقي ۽ سي پيڪ جا منصوبا روڪڻ چاهن ٿا، دهشتگرد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ چاهن ٿا، هاڻي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج کي سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو، پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي قبول ڪرڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه جا رستا کليل آهن، دشمن سان نه ڳالهيون ٿينديون نه ئي نرم رويو اختيار ڪيو ويندو، تمام جلد بلوچستان جو دورو ڪري اتان جي صورتحال جو جائزو وٺندس.