لاهور(م ڊ) ڪوڙين خبرن ذريعي برطانيا ۾ وڳوڙ پکيڙڻ جي الزام ۾ گرفتار فرحان آصف کي آزاد ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ آهي ته منهنجو ئي قصور صرف ٽوئيٽ کي ري ٽوئٽ ڪرڻ آهي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحان آصف چيو ته منهنجي ٽوئيٽ کان اڳ 3 کان 4 ملين ماڻهو اڳ ئي ڏسي چڪا هئا، جڏهن مون کي اصل حقيقت جي خبر پئي ته معذرت ڪندي ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيم.فرحان آصف چيو ته منهنجو ڏوهه رڳو ٽوئيٽ کي ري ٽوئٽ ڪرڻ هو، مان چئن ڏينهن جي رمانڊ تي هئس، اڄ عدالت مون کي بري ڪري ڇڏيو.فرحان آصف چيو ته ايف آءِ اي مون کي محفوظ رکيو، منهنجو ليپ ٽاپ، موبائيل فون واپس ڪيا ويا، هاڻي گهر واپس وڃي رهيو آهيان، في الحال پنهنجي ڪم ۾ وقفو وٺندس.