ميرپورماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ) قتل ڪيس جي جوابدارن خالد لنڊ سندس پٽن جي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ سندن گرفتاري لاءِ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ان دوران خالد لنڊ ۽ سندس پٽن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، مظاهرين خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو به هنيو ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.