ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه برسات کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن مڪاني ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ڪراچي جي سمورن نالن جي نگراني ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظام ڪيا وڃن.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺاين ايمرجنسي بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سعيد غني، ڄام خان شوري، مخدوم محبوب الزمان، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ميٽرو لاجسٽ سردار سرفراز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.جڏهن ته حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، ميرپورخاص ڊويزنل ميئرز، ڪمشنرن ۽ ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.موسم جي اڳڪٿين بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ميٽرو لاجسٽ سردار سرفراز چيو ته سنڌ ۾ اڄ برسات جو سسٽم داخل ٿيندو، جيڪو 31 آگسٽ تائين جاري رهندو، جنهن بعد سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ نئين برسات جي سسٽم جو امڪان آهي.وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي ته نئين برساتي اسپيل سان ڪراچي ۾ 150 کان 200 ملي ميٽر برسات ٿي سگهي ٿي، ٺٽي، سجاول ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ نوابشاهه ۾ 250 کان 300 ملي ميٽر برسات پئجي سگهي ٿي، جڏهن ته بدين، ٽنڊي محمد خان، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ 500 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه چيو ته 28 آگسٽ تي تيز برسات جي اڳڪٿي آهي، کيرٿر رينج تي وسڪاري سبب دادو، قمبر، شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڄامشوري ۾ ٻوڏ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي.وڏي وزير شاهه، سمنڊ ۾ چاڙهه بابت ڪمشنر ڪراچي کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مهاڻن لاءِ به فشريز کاتو ضروري هدايتون جاري ڪري.وڏي وزير، سمورن ڊويزنل ڪمشنرن کي صورتحال جو جائزو وٺي انتظام ڪرڻ ۽ سمورن مڪاني ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت ڪئي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جي سمورن نالن جي نگراني ۽ هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري جو انتظام ڪيو وڃي.صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته امدادي سامان پي ڊي ايم اي جي اسٽاڪ ۾ موجود آهي، امدادي سامان ۾ تنبو، ترپال، مڇر دانيون، پاڻي جا ڪولر، هائيجينڪ ڪٽس ۽ جانورن جو مڇردانيون شامل آهن.صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ٽائونن ۾ به نالن جي صفائي لاءِ مشينري ڏني آهي.ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪي ايم سي جي نالن ۽ واٽر بورڊ جي نيڪال جو سسٽم بهتر ڪيو آهي.وڏي وزير مراد علي شاهه سموري انتظاميا ۽ مڪاني ادارن کي پنهنجا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس کي بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير ڄام خان شوري چيو ته درياهه جي ساڄي پاسي برساتن ۽ هل ٽورينٽ کي نظر ۾ رکندي ضروري مشينري به بندن تي موجود آهي.آبپاشي کاتي واري سيڪريٽري چيو ته حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين بندن جي مضبوطي جو ڪم ڪري رهيا آهن، حمل ڍنڍ کان منڇر ڍنڍ تائين ڪمزور هنڌن جي نگراني به جاري آهي.ميٽرو لاجسٽ سردار سرفراز احمد چيو ته ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ٻيو اسپيل سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿيندو، ڪراچي ۾ اڱاري کان مينهن پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ، جنهن سبب هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون آهن. مڪاني ادارن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ميونسپل سروسز کي هائي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ننگر پارڪر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن کانپوءِ ڪارونجهر مان وهندڙ آبشار سياحن جو من موهڻ لڳا آهن برسات بعد فصلن جون رونقون ڏسڻ وٽان ٿي ويون ۽ مارو ماڻهن ۾ خوشي ٻيڻي ٿي وئي آهي، ننگرپارڪر ، ڏانو ڌانڌل ، ڀالواهه ۽ رتنياري سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ ٽي ڏينهن تي به گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو وسڪارو ٿيو برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي ، ننگرپارڪر ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران پيل برسات 143 ملي ميٽر تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات جو سلسلو رات دير سان جاري رهيو، شهر جي مختلف علائقن آءِ آءِ چندر ڳڙهه روڊ، صدر، طارق روڊ، پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جاري رهي، گلشن معمار، ملير، ايئرپورٽ ۽ گلستان جوهر ۾ به تيز هوائن سان برسات پئي.ڊفينس، ايف بي ايريا ۽ بفر زون ۾ به برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سان گڏ گجگوڙ ۽ تيز هوائن جو سلسلو جاري رهيو، ڀارتي گجرات مان آيل برساتي سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آهي.