پشاور ( م ڊ ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي به عليمه خان جي تازي سياسي سرگرمين تي تنقيد ڪئي.هڪ انٽرويو دوران شوڪت يوسفزئي چيو ته عليمه خان پارٽي ۾ ڏڦيڙ پکيڙي رهي آهي، سندس فيصلن جي پارٽي ۾ ڪا حيثيت ناهي. هن جو ڪو به پارٽي عهدو ناهي ۽ نه ئي باني چيئرمين کيس ڪٿي به وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي.هن چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، پر جيستائين علي امين گنڊاپور کي عمران خان جو اعتماد آهي، تيستائين سندس حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي. واضح رهي ته عليمه خان آچر تي پشاور ۽ مردان جي جيلن ۾ قيد پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي هئي.
-
5سال بعد آزاد ٿيو آهيان، ڪو به ثبوت نه ڏنو ويو: مصطفيٰ ڪمال
ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ڪلفٽن ۾ سرڪاري زمين کي غير قانوني الاٽمنٽ ڪرڻ واري ريفرنس ڪيس ۾ عدالت نيب ريفرنس بحالي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي نيب جي درخواست رد ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ مصفطفيٰ ڪمال کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. عدالت چئيرمين کي ريفرنس واپس ڪرڻ جو فيصلو به برقرار رکيو آهي. جڏهن ته احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته 5سال کان پوءِ ان ڪيس ۾ مون کي آزاد ڪيو ويو آهي. عدالت ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو ويو.
-
مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي سميت 6 ڄڻن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ
لاهور( بيورو+م ڊ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو.ايف آءِ اي لاهور جي ترجمان تصديق ڪئي ته مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ عدالتي حڪم تي بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ مونس الاهي جو پاسپورٽ به ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي لاهور جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته مونس الاهي ۽ ٻين 6 جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ سندس ملڪيتون ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.ان کان اڳ به عدالت مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جي ملڪيت منجمد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.
-
مريم نواز طرفان بجلي بلن ۾ رليف ملڻ شروع ٿي ويو: عظميٰ بخاري
لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز طرفان بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري مريم نواز طرفان بجلي جي بلن ۾ رليف وارو بل شيئر ڪيو. پنهنجي بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب جي عوام لاءِ خوشخبري آهي، مريم نواز ثابت ڪري ڇڏيو ته ”جتي چاهه، اتي راهه“. مريم نواز پنجاب جي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف الزام ۽ ڪوڙ جي سياست ڪري رهيا آهن، مريم نواز خدمت جي سياست ڪري رهي آهي.
-
لاهور ۾ ڊانس پارٽي تي ڇاپو، ليگي اڳواڻ سميت 12 گرفتار
لاهور ( بيورو+م ڊ ) ڊانس پارٽي تي ڇاپو، مقامي ليگي اڳواڻن سميت ڪيترائي گرفتار ڪيس داخل ڪيو ويو، تنوير نثار گجر يوسي 236 تان مسلم ليگ ن جو چيئرمين آهي، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته ڇاپي وقت ن ليگ اڳواڻ ننگي حالت ۾ هو ، پوليس موجب تنوير نثار گجر يوسي 236 مان مسلم ليگ ن جو چيئرمين آهي، گرين ٽائون ٿاڻي ۾ ٽن عورتن سميت 12 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب جوابدار وٽان هڪ ايس ايم جي رائفل، شراب ۽ سائونڊ سسٽم هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ليگي چيئرمين ڊانس پارٽي ۾ شراب پي رهيو هو. ايف آءِ آر موجب، پوليس ڇاپي دوران جوابدارن ڪپڙن کان آجي حالت ۾ هئا.