پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي علائقي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ بازار ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ بعد سڪيورٽي فورسز ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.
سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سب ڊويزن رزمڪ ۾ بازار ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 10 کان 15 ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
You might also like