سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽيلي گرام جي باني ۽ سي اِي او پائول دورو جي گرفتاري کانپوءِ ڪمپني جو ردعمل سامهون اچي ويو آهي.
واضح رهي ته پائول دورو کي ڪجهه ڏينهن اڳ فرانسيسي اختيارين پئرس ۾ گرفتار ڪيو هو، جنهن تي ٽيلي گرام جي آفيشل چئنل تي ڪمپني طرفان باظابطا ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو ته اِها دعويٰ کِل جوڳي آهي ته هڪ پليٽ فارم يا سندس مالڪ واهپيدارن طرفان پليٽ فارم کي غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ جو ذميوار آهي.
فرانسيسي اختيارين موجب، ٽيلي گرام جي باني کي سوشل نيٽورڪ ۾ مجرماڻي سرگرمين تحت جاري جاچ کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٽيلي گرام اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن وارو فيچر باءِ ڊيفالٽ موجود ناهي جڏهن ته واهپيدار کي اِهو اِهو پاڻ اِن ايبل ڪرڻو پوندو آهي.
ٽيليگرام ايپ ۾ واهپيدارن جي مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪمپني طرفان ناهي ڪئي ويندي ۽ انڪري ڪيئي واهپيدار ان کي ٻين سوشل ميڊيا نيٽورڪس جو متبادل سنسرشپ فري پليٽ فارم سمجهندا آهن.
ڪمپني جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اٽڪل هڪ ارب ماڻهو عالمي سطح تي ٽيليگرام کي رابطن ۽ اهم تفصيل حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، اسان کي صورتحال جي بهتر حل جو اوسيئڙو آهي.
ٻئي پاسي پئرس ۾ روسي سفارتخاني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فرانسيسي حڪومت طرفان اڃا تائين ٽيليگرام جي باني تائين پهچ ناهي ڏني وئي.
ياد رهي ته پائول دورو روس ۾ پيدا ٿيو ۽ وٽس فرانس ۽ گڏيل عرب رياستن جي شهريت به آهي.