راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي حملن ۾ 14 جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب، 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان جي مختلف هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن ۽ مخالف قوتن جي اشاري تي دهشتگردي جا واقعا بلوچستان جي پُرامن ماحول ۽ ترقي کي تباهه ڪرڻ لاءِ انجام ڏنا ويا جن جو هدف گهڻي ڀاڱي معصوم شهري هئا، خاص طور موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيئي بي گناهه شهري شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن هڪ بس کي روڪيو ۽ ان سوار بي گناهه پورهيتن کي ظلم ۽ بربريت جو نشانو بڻايو جيڪي روزگار لاءِ بلوچستان ۾ ترسيل هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڪليئرنس آپريشن دوران 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 14 جوان دليري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا جن ۾ ڏهه سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ چار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن سنگين ۽ بزدلاڻن حملن جي ماسٽر مائنڊ ۽ مددگارن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
You might also like