بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردن جا حملا، 37 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 37 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 21دهشتگرد به مارجي ويا آهن.
موسيٰ خيل واري علائقي راڙه شم ۾ هٿياربندن 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي جو چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن کي مسافر بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
سندس چوڻ هو ته هٿياربندن بين الصوبائي شاهراهه تي ناڪو هڻي مسافرن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو.
ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن ڏهن گاڏين کي باهه به ڏئي ڇڏي.
هن چيو ته اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ ليويز واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا.
ايس ايس پي قلات دوستين دشتي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ پوليس جو سب انسپيڪٽر، 4 ليويز اهلڪار ۽ 5 شهري مارجي ويا آهن.
ايس ايس پي قلات دوستين دشتي موجب، فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته علائقو ڪليئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.
سڪيورٽي ذريعن موجب، 24 ۽ 25 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان جي مختلف هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا.
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بزدلاڻي حملن جو اثرائتو جواب ڏئي رهيا آهن، جوابي ڪارروائين ۾ هن وقت تائين 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي چڪا آهن.
سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن جي خاتمي تائين سڪيورٽي فورسز جو آپريشن جاري رهندو.
مستونگ ۾ ليويز ٿاڻي تي قبضو
مستونگ ضلعي جي کڏ ڪوچه ويجهو ليويز ٿاڻي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري ٿاڻي تان هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو.
ذريعن موجب، هٿياربندن ٿاڻي ۾ موجود ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلون ۽ رڪارڊ ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي ويجهو اڻڄاتل شخص جو لاش به هٿ آيو آهي.
بولان مان ڇهه ڄڻن جا لاش هٿ
بولان ضلعي جي ايس ايس پي ڇهه لاش هٿ اچڻ جي تصديق ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته چار لاش نيشنل هاءِ وي ولڳ ڪولپور واري علائقي مان جڏهن ته ٻه لاش هڪ تباهه ٿيل پل جي هيٺان دٻيل هئا.
هن چيو ته مقتولن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين موجب، اندازو ٿي رهيو آهي ته مقتولن کي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي، مقتولن جي سڃاڻپ جو عمل اڃا مڪمل ناهي ٿيو.
بولان ۾ ريلوي پُل تباهه
بولان جي علائقي دوزان ۾ ريلوي پل کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو ويو
ريلوي ذريعن موجب، پل ڌماڪي سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
لسٻيلي ۾ ايف سي ڪئمپ جي ڀرپاسي ڌماڪا
بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ باءِ پاس ويجهو هٿياربندن فرنٽيئر ڪور ( ايف سي ) جي هڪ ڪئمپ تي حملو ڪيو آهي.
مقامي ماڻهن موجب، آچر جي رات ايف سي ڪئمپ جي ڀرپاسي فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن سبب عوام ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابي ڪارروائي دوران پنج حملي آور مارجي ويا آهن.
بي ايل اي حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي
بي ايل اي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ حملن جي ذميواري قبول ڪندي ان کي ” آپريشن هيروف “ جو نالو ڏنو آهي.
بي ايل اي ترجمان جيئند بلوچ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته بي ايل اي جي فدائي يونٽ مجيد بريگيڊ لسٻيلي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.
بي ايل اي ترجمان موجب، لسٻيلا ڪئمپ ۾ حملي ۾ فورسز جا ڪيئي اهلڪار مارجي ويا آهن.
لسٻيلي علاوه بلوچستان جي ضلعي سبي، تربت ۽ ڪوئيٽا ۾ به فائرنگ ۽ بم ڌماڪن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، ڪجهه واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.
گوادر ۾ ٿاڻي تي حملو
بلوچستان جي علائقي جيواڻي ۾ به آچر جي رات هٿيابندن هڪ ٿاڻي کي نشانو بڻايو.
اطلاعن موجب، هٿياربندن پوليس جي ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويا.
حملي آورن ٿاڻي ۾ موجود اهلڪارن کي ڪيئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
مسجدن مان نيشنل هاءِ وي تي سفر نه ڪرڻ جا اعلان
کڏڪوچه ۾مقامي انتظاميا پاران مسجدن مان اعلان به ڪرايا ويا آهن ته مسافر ڪوئيٽا، ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.