ايران کان واپس ايندڙ بس مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي حادثي جو شڪار، 12 زائرين فوت، 30 زخمي

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي ) ايران کان ايندڙ زائرين جي بس لسبيله ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي حادثي جو شڪار ٿي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 12 مسافر فوت جڏهن ته 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي  پيا آهن.زخمين ۽ فوت ٿي ويلن جي لاشن کي ويجهن اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ايران کان ايندڙ بس زائرين کي کڻي پنجاب وڃي رهي هئي، زائرين جو تعلق لاهور ۽ گوجرانوالا سان ٻڌايو پيو وڃي.زائرين جي بس ايران کان اچي رهي هئي ته مڪران ڀرسان بريڪ فيل ٿيڻ سبب اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوت ٿيلن ۽ زخمين کي بس مان ڪڍيو، فوت ٿي ويلن جو تعلق لاهور ۽ گوجرانوالا سان ٻڌايو پيو وڃي.صدر آصف علي زرداري مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي ٿيل بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي سار سنڀال جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز به بس حادثي ۾  جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي زائرين جي بس کي پيش ايندڙ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو، هن زخمي ٿيل ماڻهن جي فوري ۽ بهتر علاج جي هدايت جاري ڪئي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.