”خيرپور کي امن ڏيو“قبائلي تڪرارن کان تنگ سولنگي برادري جو ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر )سولنگي ويلفيئر آرگنائزيشن پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڪراچي اڳيان امن لاءِ احتجاج مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاجي مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ سولنگي برادري جي ماڻھن سميت سياسي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ وڪيلن شرڪت  ڪئي، هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ  کڻي امن امان بحال ڪريو جا نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيئرمين عرفان علي سولنگي، انجيئر امداد سولنگي، اياز علي سولنگي، راحيل سولنگي، ڪرم الله سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار انساني حقن جي تنظيمن، قومي تنظيمن کان مطالبو ٿا ڪريون ٿا ضلعي خيرپور ميرس ۾ سولنگي ۽ جاگيراڻي تڪرار فوري طور ختم ڪرائين ته انساني زندگيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن ۽ امن امان بحال ڪرائي زندگي ۽ ڪاروهنوار ، اسڪول ۽ روزگار کي بحال ڪري وڌيڪ تباهي ۽ نقصان ٿيڻ کان بچاء اپاء وٺن،  قبائلي تڪرار جو خاتمو چاهيون ٿا هنن چيو ته  سولنگي برادري پڙھيل لکيل باشعور برادري ۽ امن پسند آھي هٿ وٺي وڏيرا شاهي ۽ امن دشمن نٿا چاهين ته قبائلي تڪرار ختم ٿئي ۽ قبائلي تڪرار طرف ڌڪيو پيو وڃي سولنگي ۽ جاگيراڻي تڪرار سب پنج ماڻھو قتل ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي چڪا آھن پر اتان جي پوليس روايت برقرار رکندي اگهور ننڊ ستل آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته حد جي پوليس صرف تماشو ڏسي رهي آهي، حد جي ايس ايڇ اوز کي هٽائي سٺي ساک رکندڙ آفيسر مقرر ڪيا وڃن، خيرپورميرس کي ڪشمور ۽ڪنڌڪوٽ ٿيڻ کان بچايو وڃي.  هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنجيدگي اختيار نه ڪئي ته پوءِ هاڻ سي ايم هائوس ۽گونر هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻا هڻندا سين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.