ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.
ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مجلسون برپا ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا وڃن.
لاهور ۾ مرڪزي ماتمي جلوس حويلي الف شاهه دهلي دروزاري وٽان برآمد ٿيو، جيڪو پنهنجي مقرر رستن تان ٿيندو ڪربلا گامي شاهه تي نهر ٿيندو.
جلوس ۾ وڏي انگ ۾ عزادار شريڪ آهن، جلوس پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو مسجد وزير خان پهچي نماز ظهرين ادا ڪندو، عزادارن لاءِ جلوس جي رستن تي سبيلون لڳايون ويون آهن.
اسلام آباد ۾ مرڪزي جلوس پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندو امام بارگاهه اثنا عشري تي نهر ٿيندو.
راولپنڊي ۾ مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه ڪرنل مقبول کان برآمد ٿيو، جلوس ڪميٽي چوڪ ۽ لياقت روڊ کان ٿيندو فواره چوڪ تي پهچندو جتي نماز ظهرين ادا ڪئي ويندي، عالم سڳورا حسينيت تي روشني وجهندا، جلوس پراڻي قلعي ۽ جامع مسجد روڊ کان ٿيندو قديمي امام بارگاهه پهچي نهر ٿيندو.
ڪوئيٽا ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي 2 مک ماتمي جلوس برآمد ٿيا، مرڪزي ماتمي جلوس امام بارگاهه حسيني مومن آباد علمدار روڊ کان برآمد ٿيو جيڪو روايتي رستن کان ٿيندو بهشت زينب تي نهر ٿيندو.
ٻيو ماتمي جلوس هزاره ٽائون مان برآمد ٿيو، جيڪو بهشت زينب قبرستان تي نهر ٿيندو.
ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ وڏي انگ ۾ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته موبائل فون سروس معطل ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.