ڪراچي ۾ ٻن مذهبي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ٻه ڄڻا مارجي ويا، گاڏين کي باهه

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ ٻن مذهبي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ دوران ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي ويا. گوليمار ۾ ريلي تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن جي سڄاڻپ  17 سالن جو شير علي, 25 سالن جو جنيد ولد انتظار مھدي جي نالن سان ٿي  آهي, جڏهن ته زخمين ۾ حضرت عمر ولد محمد غني, حمزا ولد شفيق , ڪوثر ولد غلام محمد, محمد ابراھيم ولد محمد قاسم , حنظلا ولد يوسف , محب ولد نظر الله، عبدالرحمن ولد عبدالعليم ۽ عمير ولد عبدالسلام شامل آهن، واقعي کان پوءِ ڇڪتاڻ وڌي وئي. مڇريل ماڻهن بس سميت 4 گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب پٽيل پاڙا کان ناظم آباد تائين روڊ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ريلي رضويه کان گذري رهي هئي ته ڪجهه ماڻهن پٿراءُ ڪيو. پوليس سرجن ٻڌايو ته گوليمار ۽ ڀرپاسي وارن علائقن مان 8 زخمين کي سول اسپتال آندو ويو. ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته گوليمار ۾ 2 مذهبي گروپن ۾ جهيڙو ٿيو، اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو موجب پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال تي ضابطو آندو ويو آهي. ڊي آءِ جي ويسٽ ۽ رينجرز جا ونگ ڪمانڊر واقعي واري هنڌ موجود آهن. ڪراچي پوليس چيف چيو ته رينجرز جي وڏي نفري به پهچي رهي آهي، فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. هوڏانهن صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ضياءَ لنجار هدايت ڪئي ته پوليس فوري طور تي امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.