ڍاڪا (م ڊ)بنگلاديش ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي، هن وقت تائين 15 ڄڻا فوت ۽48 لک شهري متاثر ٿيا آهن. بنگلاديشي ميڊيا موجب ملڪ جي 11 ضلعن ۾ تيز برساتن کانپوءِ آيل بدترين ٻوڏ واري صورتحال سبب 4.8 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ٻوڏ سبب ڍاڪا ۽ ڏکڻ اوڀرجي سامونڊي شهر چٽگانگ وچ ۾ زميني رابطا ڪٽجي ويو آهي، جڏهن ته ڪيتريون ئي آباديون ٻڏي وڃڻ سبب مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو آهي. مقامي ميڊيا موجب 9 لک ماڻهو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن،فني ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 92 سيڪڙو موبائل ٽاور ڊهي پوڻ سبب فون سروس معطل ٿي وئي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ فوج پاران ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ نيوي، ڪوسٽ گارڊز جا اهلڪار به شامل آهن. امدادي سرگرمين ۾ فائر سروس، پوليس ۽ شاگرد به حصو وٺي رهيا آهن.
-
اسرائيلي جارحيت جاري، 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد
غزه (م ڊ) غزه جي مرڪزي ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اسرائيلي فوج جي مسلسل بمباري جي نتيجي ۾ 40 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، ٻئي طرف حزب الله گولان ۾ اسرائيلي فوجي بيرکن تي 50 کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا، جڏهن ته ڪريات شمونا ۾ ڊرون حملن ۾ ڪيترائي اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته اسرائيل اپاران به ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي اڏن تي حملا ڪيا ويا.