نينگر طارق بازياب نه ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ 13سال جي نينگر جي بازيابي  جي لاءِ ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار گهر وارن پنهنجي موقف ۾ چيو ته منهنجي 13سال جي پٽ طارق خان عوامي ڪالوني جي علائقي مان گم ٿي ويو آهي، عدالت جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.  جاچ آفيسر چيو ته ٻار جي بازيابي جي لاءِ ڪوشش جاري آهي. عدالت رماڪس ڏنا ته 13 سال جي ٻار جو ڪا به ڪرمنل رڪارڊ نٿو ٿي سگهي. عدالتي ڪارروائي تي عمل نه ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت 11سيپٽمبر تائين درخواست ملتوي ڪري اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.