زبردستي شادي وارو ڪيس، عدالت نينگري جي بازيابي درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾  نيو ڪراچي مان نينگري کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرڻ واري ڪيس ۾ نينگري جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. شيلٽر هوم  اختيارين ڇوڪري کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ڇوڪري عدالت ۾ ڏنو ته جوابدار مونسان زبردستي شادي ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏيندي سيالڪوٽ وٺي ويو هو، عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته ڇوڪريءَ جو بيان رڪارڊ ڪري ڇوڪري کي وارثن حوالي ڪيو وڃي. عدالت نينگري جي بازيابي لاءِ داخل درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

  1. ڪراچي ۾ مقابلا، پوليس پاران 8 زخمي ڦورن سميت 13 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار پوليس مقابلن دوران 8 زخمي ڦورن سميت 13 ڦورن کي گرفتار ڪري ھٿيار  ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. رضويا سوسائٽي ٿاڻي جي پوليس مطابق ناظم آباد نمبر ون ڀرسان ذيشان پارڪ لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 زخمي ڦورو رضوان ولد محمد رمضان ۽ امتياز ولد محمد مشتاق کي عورت مڪزم ساٿي سميت 4 جوابدارن ڪائنات زاڪ رضوان، علي محمد ولد محمد نواز، منير ولد مير حمزا، قمر ولد محمد اجمل کي گرفتار ڪري 3 پستول، گوليون، ليڊيز پرس، روڪ رقم ۽ 2 موٽرسائيڪليون ھٿ ڪري ورتيون آهن، نيو ڪراچي ٿاڻي جي پوليس موجب شمس تربيز گرائونڊ سيڪٽر ڊي 11 نيو ڪراچي ۾ پوليس مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي جوابدار احتشام ولد اختر ملڪ سميت علي نواز کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدارن جي قبضي مان پستول گوليون ھٿ ڪري ورتيون آهن. گلبرگ ٿاڻي جي پوليس موجب ريور بئنڪ ڀرسان ريلوي ڦاٽڪ موسيٰ ڪالوني لڳ پوليس مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار اساما ولد حبيب کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو آهي. قائد آباد ٿاڻي جي پوليس مطابق آفريدي بس اسٽاپ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار قاسم شاهھ ولد احمد شاھه کي پوليس گرفتار ڪري پستول روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. نبي بخش ٿاڻي جي پوليس مطابق رام سامي اسڪول روڊ تي پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ زخمي جوابدار زاڪر عرف دادا ولد حمزا بلوچ کي گرفتار ڪري پستول ڦر ڪيل موبائل فون ھٿ ڪري ورتا. ڪورنگي ٿاڻي جي پوليس مطابق ڪورنگي نمبر اڍائي جي ڀرسان پوليس مقابلي ۾ جوابدار جبران ولد افضل کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پستول ڦر ڪيل موبائل فون ھٿ ڪري ورتو. سمن آباد ٿاڻي جي پوليس مطابق ريور بئنڪ ڀرسان موسي ھوٽل بلاڪ 19 فيڊرل بي ايريا جي لڳ پوليس مقابلي ۾ ڦورو علي رضا عرف راجو ولد بشير احمد کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري پستول ھٿ ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.