رحيم يار خان (م ڊ) رحيم يار خان ۾ پوليس اهلڪارن تي حملي ۾ ملوث مک جوابدار بشير شير پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب مقابلي ۾ جوابدار نصير ۽ گادي ڪوش عرف مينا سخت زخمي ٿي پيا آهن، ترجمان موجب پنجاب پوليس جي ڪارروائين ۾ هينئر تائين 5 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ ثناءُ الله شر، گدا علي، ڪملوشر، رمضان شر ۽ گدي شامل آهي. آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته ڪچي ۾ وڏي جاني نقصان جي باوجود پوليس جي نوجوانن جا حوصلا بلند آهن، بدلو ضرور وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته پوليس اهلڪارن تي حملي جي واقعي ۾ ملوث ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي، حملي ۾ ملوث سمورن ڌاڙيلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.هوڏانهن ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن جي حملي کان ڪجهه دير اڳ جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.وڊيو ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿيڻ جي حوالي سان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن، هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي ساٿي اهلڪار ابرار کي مذاق ۾ چئي رهيو آهي ته رائيفل پڪڙي وٺو لڳي ٿو ته آخري ٽائيم اچي ويو آهي، اڄ شهيد ٿي وينداسين.وڊيو ۾ وڌيڪ پوليس اهلڪار پاڻ ۾ چئي رهيا آهن ته جتي اسان رات جو موجود آهيون اتي ڏينهن جو به ڪير نه ٿو اچي.
-
پوليس تي حملي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا
رحيم يار خان (م ڊ) هلندڙ مهيني ڌاڙيلن پاران اهلڪارن مٿان ٿيل ٽئين ڀيري حملي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان اُٿاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پوليس اختيارين پاران ڪيترن ئي بنيادي ايس او پيز کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هر 12 ڏينهن بعد پوليس اهلڪارن جي ڊيوٽي مٽڻ سبب منتقلي دوران ايس ايڇ او ماڇڪو جو موقعي تي موجود هجڻ لازمي هوندو آهي، جڏهن ته اهلڪارن جي منتقلي دوران پوليس اهلڪارن کي بڪتربند گاڏيون ڇو نه ڏنيون
-
ڌاڙيل تاڙ ۾ ويٺل هئا، هلندڙ گاڏي تي حملو ٿيو: زخمي اهلڪار
رحيم يار خان (م ڊ)پنجاب پوليس تي حملي دوران زخمي ٿيل پوليس اهلڪار سعيد احمد جو بيان سامهون اچي ويو.حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪار جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن هلندڙ گاڏي تي راڪيٽ لانچر جا برسٽ هنيا هئا. ڌاڙيل ڪمند جي فصل ۾ تاڙ ۾ ويٺا هئا جن حملو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته گهڻو ڪري اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿيا اسان ريڙهيون پائيندي جان بچائي، گاڏي خراب نه ٿي هئي نه ئي رستي ۾ بند ٿي هئي.
-
ڊي پي او رحيم يار خان عمران احمد سميت 3 آفيسر عهدن تان فارغ
رحيم يار خان (م ڊ) پنجاب پوليس تي ڌاڙيلن پاران حملي بعد ڊي پي او رحيم يار خان عمران احمد سميت 3 آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو،عمران احمد جي جاءِ تي رضوان عمر گوندل کي ڊي پي او رحيم يار خان مقرر ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ايس پي رحيم يار خان جاويد اختر کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ڊي ايس پي آرگنائيزڊ ڪرائم رحيم يار خان ڪليم احمد کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي.
-
رحيم يار خان ۾ شهيد اهلڪارن جي جنازي نماز، محسن نقوي ۽ ٻين جي شرڪت
اوٻاوڙو (ن ع آ) ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿيل 12 اهلڪارن جي جنازه نماز رحيم يار جي پوليس لان ۾ ادا ڪئي وئي، وفاقي وزير داخلا محسن نقوي، آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور، ايڊيشنل آئي جي سي ٽي ڊي وسيم سيال، ڊي آئي جي سکر سيد پير محمّد شاهه، آر پي او بهاولپور رائي بابر سعيد، آر پي او ڊي جي خان سجاد حسن منج، ڊي آئي جي سي ٽي ڊي رضوان عمر گوندل ۽ ڊي پي او رحيم يار خان عمران علي ملڪ سميت پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ رينجرس جي اعليٰ عملدارن سياسي سماجي ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور جي ترجمان موجب ڪچي جي ڏوهارين خلاف پوليس جو ڀرپور طاقت سان آپريشن جاري رهندو شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جو خون رائيگان نه وڃڻ ڏينداسين.
-
ايران بس حادثو: زائرين جا مڙهه ۽ زخمي پاڪستان پهچا ويا
ڪراچي (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي ايران بس حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ۽ زخمين کي آڻڻ لاءِ C-130 جهاز ايران روانو ٿيو هو، جيڪو رات 11 وڳي مڙهه ۽ زخمي کڻي جيڪب آباد ايئرپورٽ پهتو.سنڌ حڪومت پاران ايئرپورٽ تان فوت ٿيندڙن کي سندن آبائي علائقن ۽ زخمين کي اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ ايمبولينس جو به بندوبست ڪيو ويو. جڏهن ته توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايئرپورٽ تي مڙهه وصول ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا.
-
پنجاب پوليس حملي ۾ ملوث ڌاڙيلن جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر
رحيم يار خان (م ڊ) ڪچي ۾ پوليس اهلڪارن کي قتل ڪندڙ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي هدايت تي ڪچي جي ٽارگيٽ ڪلر ڌاڙيلن جي سر جي قيمت هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته خطرناڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪرائڻ تي 25 لک رپيا انعام رکيو ويو آهي.