اسلام آباد (معظم فخر): پي ٽي آءِ باني عمران خان جو باب بند ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي، پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي آڪسيجن فراهم ڪندڙ جنرل فيض حميد نيٽ ورڪ جي ڪنيڪشن کي ڪاٽيو ويو آهي. عمران خان جو آئيني محاذ تي به گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ پڪو بندوبست ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان 26 آگسٽ تي قومي اسيمبليءَ جو هڪ اهم اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ اهم قانون سازي لاءِ آئيني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي. حڪومت اهم قانونسازي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان کي قومي اسيمبلي ميمبرن کان به ڳجهو رکيو ويو آهي. حڪومت قومي اسيمبلي جي اجلاس م آئيني ترميمن جو پلان پيش ڪرڻ واري آهي جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آئيني عدالت جي قيام جي حوالي سان به قانونسازي ۾ اڳڀرائي جو امڪان آهي. آئيني ترميمن جي پلان ۾ ن ليگ کي جي يو آءِ جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي، حڪمران اتحاد جا پي ٽي آءِ جي 8 ميمبرن سان به معاملا طئي ٿي ويا آهن جيڪي آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. آئيني ترميم ۾ ججن جي مقرري جي طريقيڪار سميت ٻيا معاملا شامل آهن. چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت آئيني عدالت جي اڻپوري ايجنڊا به ڪجهه ڏينهن ۾ پوري ٿيڻ جو امڪان آهي. ان ڳالهه تي بحث ڪيو ويو آهي ته هڪ اهڙي آئيني عدالت هجڻ گهرجي جيڪا رڳو آئيني بحرانن ۾ آئين جي تشريح ڪرڻ ۽ قابلِ قبول رستو ڳولڻ لاءِ هجي. آئيني ترميمن بابت نواز ليگ کي جي يو آءِ (ف) حمايت کانپوءِ حڪمران اتحاد کي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ٿي ويندي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 8 ميمبرن سان به معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ اهي آئيني ترميمن جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. ٻه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڊگهي ملاقات ۾ به آئيني ترميمن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو وزيراعظم کي پنهنجي ميمبرن جي مطالبن جي فائل حوالي ڪئي. ان ڏس نواز ليگ ۽ پي پي جي سب ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ انهن معاملن تي غور ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي آئيني ترميمن جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ سڀ کان اهم ججز جي مقررين جو طريقيڪار شامل آهي. جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي رٽائرمنٽ جي عمر 65 سال ڪئي پئي وڃي، جنهن سان چيف جسٽس قاضي فائز عيسي’ سميت سمورن ججن ۽ سرڪاري ملازمن جو مدو وڌي ويندو.