اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف 22 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جلسي کي ملتوي ڪرڻ جو جواز ڄاڻائيندي چيو آهي ته حڪومت جلسي جي آڙ ۾ وڳوڙ جي سازش ڪري رهي آهي، هوڏانهن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته جلسو ملتوي ڪرڻ جو وڏو سبب مرڪزي قيادت لاهور طرفان تياريون مڪمل نه هيون. ذريعن موجب تنظيم 300 گاڏين جي قافلي جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته 30 گاڏيون به لاهور مان نه نڪتيون، ٽڪيٽ هولڊرن ۽ اسيمبلي ميمبرن ڪارڪنن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش به نه ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ اسيمبلي ميمبر ۽ ٽڪيٽ هولڊر اسلام آباد پهتو، صدر لاهور پنهنجي 10 يوسيز مان 10 ڪارڪنن کي به نه ڪڍي سگهيو.