ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف سنڌ ۽ پنجاب پوليس هاڻي گڏيل آپريشن ڪري

رپورٽن موجب اوٻاوڙو ڀرسان پنجاب جي ڪچي واري علائقي ماڇڪو ۾ ٽيون ڏينهن ڌاڙيلن، پوليس جي ٻن موبائل گاڏين تي راڪيٽن سان حملا ڪرڻ بعد فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ۾ 21 پوليس اهلڪار سوار هيا.اهي پوليس اهلڪار ڪچي واري علائقي ۾ شفٽ واري هفتيوار ڊيوٽي ڪرڻ بعد واپس اچي رهيا هئا. پنجاب پوليس جي ترجمان موجب پوليس جون ٻئي موبائل گاڏيون برسات جي پاڻي ۾ ڦاسي پيون هيون جنهن جو ڌاڙيلن فائدو وٺندي پوليس تي حملو ڪيو جنهن ۾ 14 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 7 زخمي ٿيا آهن.حملي بعد ڌاڙيل فائرنگ ڪندا ڪاميابي سان فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس گاڏين تي حملو ڪندڙ ڌاڙيلن جو تعداد 30 کان وڌيڪ هو  جيڪي موٽر سائيڪل  تي چڙهي آيا هيا. اهي به رپورٽون آهن ته  ڌاڙيلن اها واردات اصل ۾ رحيم يار خان پوليس طرفان ڌاڙيل سنو شر جي ٿاڪ ڀرسان ڪئمپ قائم ڪرڻ جي ردعمل ۾ ڪئي آهي.

انهيءَ واقعي تي پنجاب جي وزيراعليٰ  مريم نواز سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهلڪارن جي شهادت جو ڌاڙيلن کان پلاند ورتو ويندو. هوڏانهن ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن پنجاب جي حد ۾ حملو ڪيو آهي جنهن ۾ پوليس اهلڪارن جون شهادتون ٿيون آهن.هن چيو ته ان سلسلي ۾ پنجاب جي پوليس سان رابطي ۾ آهيون اهڙي واقعي کان پوءِ پوليس  پنهنجن علائقن ۾ سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي خاص ڪري پنجاب سان ملندڙ سرحد وٽ نفري ۾ اضافو ڪري ڇڏيو  آهي. هوڏانهن  آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي پوليس گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.

ڌاڙيلن هٿان پنجاب جي پوليس اهلڪارن جي شهادت جي ردعمل ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جنهن پلاند جي ڳالهه ڪئي آهي، سا ڏسڻي آهي ته عملي شڪل ڪڏهن ٿي وٺي. عام طور تي ڪچي جي ڌاڙيلن جو اشو سنڌ جو سمجهيو  ويندو آهي پر هاڻي جئين ته ڌاڙيلن پنهنجو دائرو پنجاب جي سرحدن اندر ان جي ڪچي ڏانهن وڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻ چئي سگهجي ٿو ته ڌاڙيلن جو معاملو سنڌ ۽ پنجاب جي ٻنهي صوبائي حڪومتن جو ٿي ويو آهي تنهن ڪري کيس گڏيل طور  آپريشن ڪرڻ گهرجي.

هونئن به هاڻي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جي وفاق ۾ گڏيل حڪومت آهي، ملڪ جو صدر آصف زرداري ته وزيراعظم وري شهباز شريف آهي. سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي ته پنجاب ۾ وري مسلم ليگ (ن) جي سرڪار آهي. سو ان ناتي ٻئي حڪومتون جيڪڏهن هن ڀيري ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت ترين ۽ فيصلائتو  آپريشن ڪن ته بلڪل به ڪري سگهن ٿيون. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب جي پوليس اهلڪارن جي شهادت جي جنهن پلاند جو چتاءُ ڏنو آهي تنهن کي جيڪڏهن مجموعي طور سڀني ڌاڙيلن ڏانهن پکيڙيو وڃي ته بهتر آهي ۽ اڃان بهتر اهو ٿيندو جيڪڏهن وفاقي حڪومت به صوبن جي مدد ڪري. آءِ جي سنڌ به ان حوالي سان پنجاب جي پوليس سان رابطي جو ذڪر ڪيو آهي تنهن کي اسان هڪ مثبت عمل سمجهون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته ان رابطي جو مقصد گڏيل سهڪار هوندو.

سنڌ حڪومت کي  يقينن اها ڳالهه خراب لڳندي جيڪڏهن پاڻ چئون ته لڳاتار چار ڀيرا سنڌ حڪومت ڪرڻ  باوجود پ پ جي صوبائي سرڪار ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام  وئي آهي ته غلط نه ٿيندو،  چوڻ وارا ته نه اهو چوندا آهن ته پ پ جي حڪومت ۾ ئي ڌاڙيلن جو راڄ وڌي ويندو آهي. هاڻي ته اها صورتحال آهي جو ڌاڙيل ايترو نه ٿا مرن جيترو پوليس وارا ٿا شهيد ٿين، پر جئين هاڻي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڌاڙيلن کان پلاند  وٺڻ جو چتاءُ ڏنو  آهي ائين سنڌ جي وڏي وزير ڪڏهن به نوٽيس ناهي ورتو.اڃان به ڌاڙيلن کي سرڪاري سرپرستي ملڻ جا الزام آهن. پڇڻ وارا هميشه اهو پڇندا رهيا آهن ۽ اچرج ۾ پوڻ وارا هميشه ان تي حيرت جو اظهار ڪندا رهيا آهن ته آخر ڪچي جي ڌاڙيلن کي جديد ۽ عسڪري نوعيت  جا هٿيار ڪئين ٿا پهچن ۽ ڪير ٿو انهن کي پهچائي. آپريشن ته ان سهولت ڪاري جي خلاف به ٿيڻ گهرجي.

رڪارڊ ۾ ڏسجي ته وري به ڌاڙيلن يا دهشت گردن خلاف نتيجي جوڳا آپريشن مسلم ليگ (ن)  جي وفاقي حڪومتن ۾ ٿيندي نظر آيا آهن. پ پ جي حڪومت ۾ نه سنڌ جون ٻهڙايون محفوظ آهن ۽ نه ئي شهر. هاڻي ته سندس ئي پارٽي جا سينئر اڳواڻ جهڙوڪ مخدوم جميل الزمان به تنقيد ڪرڻ لڳا آهن ته اتر سنڌ ڌاڙيلن جي حوالي آهي. مخدوم صاحب ته وڏي وزير کي اڪيلو ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو چڪر لڳائي ڏيکارڻ جو به چئيلنج ڏنو آهي. پر وڏو وزير  ٿو چوي ته مخدوم جي راءِ سان اختلاف آهي جڏهن ته اسان کي وري وڏي وزير مراد علي شاهه جي راءِ سان اختلاف آهي ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي بدامني چوٽ چڙهيل آهي حقيقت کي نظرانداز ڪبو ته مسئلا ڪيئن حل ٿيندا. وڏي وزير کي حڪومتي ڪارڪردگي تي پاڻ سخت نظر رکڻ گهرجي ۽ تنقيدن جي روشني ۾ پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي. ڌاڙيلن خلاف  پ پ ڪڏهن به ڪو ڪامياب يا سخت آپريشن ڪري ناهي ڏيکاريو. هاڻي ان کي به موقعو  آهي تو اها پاڻ تي لڳل اهو چُٽو مٽائي ڏيکاري ۽ هن ڀيري هڪ فيصلائتو ۽ يادگار آپريشن ڪري ڏيکاري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.