اها ڳالھه به سمجهون ٿا ته مغربي ميڊيا سميت مقامي ميڊيا جو به سڄو ڌيان نائين اليون جي واقعي کانپوءِ افغانستان تي اچي بيٺو، هر ماڻهو جي دماغ ۾ ڳالھه ويهي رهي ته طالبان دهشتگرد آهن پر سڀ مسلمان به پاڻ کي شڪ جي نظر سان ڏسي رهيا هيا ۽ آمريڪا ڄڻ معصوم بڻجي وئي هئي، ماڻهن جي همدردي ۽ خاص مغربي دنيا جي سوچ ئي ڦري وئي انهن ته پنهنجن ملڪن مان سڀني ڏاڙهين وارن مسلمانن جي مٿان شڪ ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي هر صورت ملڪ مان ڪڍيو وڃي. ان ڪري ته هر مسلمان جيڪو مغربي ملڪن ۾ رهائش پذير هيو اهو خطري ۾ اچي ويو هيو ته اجهو ٿو ”ڊي پورٽ“ ٿئي، ڇو ته ٻي ڪا واھ نه هئي، حشر اهو به هيو ته مسلمان اتان جو اتي ”ڪنورٽ“ ٿي پاڻ عيسائي سڏائڻ لڳا، لڪي ڇپي ويا، ڇو جو آمريڪي ايجنسين جي نظر ۾ اهي سڀ دهشگرد هيا.
پر هلي هلي انهن مغربي قوتن ان بهاني طالبان ۽ وري ڦري گهري پاڪستان کي وڪڙ ۾ آندو، ڪي پي ڌمچر مچائي ڏنن ته جيڪي به طالبان (مسلمانن) جا مدرسي گروھ آهن اهي سڀ نروار ڪيو ۽ انهن کي ائين سمجهين ته اهي طالبان هاڻي سمورن مسلمانن ملڪن ۽ مسلمان ماڻهن جا نمائندا آهن، جيڪي دنيا ۾ رهن ٿا ايستائين جو جيڪي ماڻهو مغربي ملڪن ۾ رهن پيا انهن تي به ڇنڊا پيا انهن جي زندگي به متاثر ٿي جو ايئرپورٽ جي اسڪيننگ تي انهن کي ننگو ڪري چيڪ ڪيو ويو ۽ طالبان جي اهڙي ناڪردا حرڪت ۽ گناھ مسلمانن کي ڳچي ۾ پئجي ويو ۽ مسلمان جي ساک سموري دنيا ۾ حد درجي جي گهڻي متاثر ٿي جو اڄ تائين اهي اڌانگريز مسلمان به سڌا ناهن (۽ تاقيامت سڌا ۽ سچا نه ٿي سگهندا).
ان ڪري سموري دنيا جي نظر ۾ عيسائي ايترو خوار خراب ناهي توڻي جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏا خوني عيسائي ملڪن جا حڪمران رهيا آهن ۽ ڪنهن به هن مهل تائي يهودين کي ننديو ناهي يا سرڪاري طور تي ڪا به سرڪار يهودين کي اهڙي ظلم تي پنج مغربي ملڪ به گڏائي ناهي سگهي ته اهي فلسطينن جي لاءِ گڏ ٿين پر ”لپ سروس“ تمام گهڻي آهي، هڪ دوست ٻڌايو ته جڏهن اهي سعودي عرب عمرو ڪرڻ ويا ته انهن جي دل جهٻو کاڌو ۽ انهن فلسطين جي درد ۾ فلسطيني رومال ڳچي ۾ ويڙهيا ته جيئن دنيا کي ڏيکاري سگهن ته اهي فلسطين سان گڏ آهن پر حيرت اها هئي ته انهن کي سعودي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جهلي ورتو ۽ سخت چيڪنگ ڪين انهن جا پاسپورٽ وٺي اسڪين ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏانهن موڪلي ڏنن ته هي ماڻهو مشڪوڪ ٿا لڳن جيڪي فلسطين جا رومال ويڙهي آيا آهن انهن جي جانچ ڪيو ته اهي ڪير آهن؟ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته عرب ملڪ پاڻ ته ڪجهھ نه ٿا ڪن پر غيرسرڪاري طور تي جيڪي ماڻهو فلسطين جي درد ۾ روئن ٿا انهن جا ڳوڙها به نه ٿا اگهن.
مقامي ايجنسين جي ڳالھه تي سڄي دنيا ان ڪري به زور ڏنو هيو جو اهي جي روس جي اڳرائي کي نه جهلن هان ته روس پاڪستان ۾ به ڪميونسٽ حڪومت جوڙي وٺي هان، ڇو ته هتي به روس جي ڪميونسٽ نظريي جا ماڻهو گهڻا ٿي پيا هئا، انهن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون سياسي پارٽيون پنهنجي جاءِ تي جيڪي مزدرون جي چڱائي جي لاءِ پاڻ پتوڙينديون هيون، پر ان جاءِ تي ڪميونسٽ نظريي جي پرچار به ڪندا هيا (ان ۾ راولپنڊي ڪنسپائريسي ڪيس جيڪو 9 مارچ 1951 ۾ ظاهر ٿي پيو، به نمايان هيو، جنهن ۾ فيض احمد فيض سان گڏ ميجر جرنل اڪبر، سيد سجاد ظهير (جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل به هيو) ۽ ميجر جنرل جي گهرواري نسيم شاهنواز خان به شامل هئي) اصل ۾ ملڪ ٺهڻ سان مسئلن جو شڪار ٿي ويو، جو 1947 ۽ 1948 ۾ ئي ڪشمير جي جنگ شروع ٿي وئي هئي، ان جا سبب اهي به هيا ته برطانيا جي مداخلت بند نه پئي ٿي، فوجن صدر ايوب جي سرڪار وڃڻ کانپوءِ لاڳيتو هلان ڪندا رهيا. ٻيو ته وري ڪشمير جي ويڙهه سرڪار کي منجهائي ڇڏيو هيو، پر پڇاڳاڇا دوران 15 ڄڻا آندا ويا جن ۾ ميجر جنرل اڪبر خان، ايئر ڪموڊور ايم ڪي جنجوا، ميجر جنرل نذير احمد، برگيڊيئر صادق خان، برگيڊيئر ايم اي لطيف خان، ليفٽيننٽ جنرل ضياءُ الدين، ليفٽيننٽ جنرل نياز محمد ارباب، ڪيپٽن خضر حيات، ميجر حسن خان، ميجر اسحاق محمد، ڪيپٽن ظفرالله پوشني، مسز نسيم شاهنواز خان، شاعر فيض احمد فيض، سيد سجاد ظهير ۽ محمد حسين عطا شامل هيا. 18 مهينا اهي سڀ جيل ۾ رهيا، پر گهڻو عرصو فيض احمد فيض رهيو، جنهن کي روس جي طرفان هن جي شاعري تي به انعام اڪرام به ملندا رهيا هئا، (ان کانپوءِ ميجر جرنل اڪبر خان نسيم شاهنواز کي طلاق ڏئي ڇڏي هئي ۽ هوءَ نسيم شاهنواز مان نسيم جهان ٿي وئي هئي، ڪيس ثابت نه ٿيڻ جي ڪري فيض احمد فيض ڀٽي صاحب جي دور ۾ نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جو چيئرمين رهيو ۽ پوءِ ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين) پر سي آءِ اي جي پٺڀرائي ۽ لوڪل ايجنسين جي مسلسل امدادن ۽ فوجي تربيتن جي ڪري طالبان هاڻي ته سي آءِ اي جو ٽول ٿي پيا آهن، جن جي اسلامي حڪومت ۽ شريعت نافض ٿيڻ سان اسلامي دنيا کي خاص ڪري پاڪستاني حڪومت کي چڻا چٻائڻا پوندا.
هن خطي جا ماڻهو ڀلي ويڙهاڪ هجن پر مغربي ملڪن سان جنگ جوٽي نه ٿا سگهن، پر سيڪيولر ضرور آهن، جيئن هن خطي ۾ 1972 ۾ بنگلاديش واحد ملڪ نه هيو جنهن دعويٰ ڪئي هئي ته اهي سيڪيولر آهن پر هن خطي جو هر ماڻهو، هر ملڪ، هر صوبو پاڻ کي سيڪويلر سوچ جو مالڪ ٿو سڏي ان ڪري ته گهرو ويڙھ ڀلي جاري ساري هجي پر اهي ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ تي حملو نه ٿا ڪري سگهن، ۽ ان ساڳي ڏس ۾ هن خطي جا سڀ مسلمان ملڪ به سيڪيلور سوچ جا آهن پر طالبان کي ان ساڳي صف ۾ نه ٿو بيهاري سگهجي جو انهن جي بهاني آمريڪا ۽ سموريون مغربي قوتون اها ڳالھه تاڙيون بيٺا آهن ته جيڪي به مسلمان آهن اهي سڀ جا سڀ طالبان آهن يا جيڪي به طالبان آهن اهي سڀ جا سڀ مسلمان آهن پر ائين اهي يا هڪ ڳالھه به چئي سگهجي ٿي ته سڀ ڏاڙهين وارا چور ناهن پر چورن ڏاڙهيون رکرايون آهن ان ڪري سيميٽزم جي بهاني سڀني مسلمانن کي چٿي چٻي نه ٿو سگهجي يا جيڪي به طالبان آهن اهي سڀ ”پيڊ سروسز“ ۾ مغربي طاقتن جي سري هيٺ ڪم ڪن ٿا انهن جي ايجنڊا ۾ اهو به آهي ته جيڪي به مسلمان ۽ خاص عرب ملڪ آهن انهن جي خواري ڪرائجي انهن جي پاسپورٽ کي بليڪ قرار ڏجي ان ڪري ته مغربي ملڪن کي اهي گرن ۽ بليو پاسپورٽ نه ٿا وڻن، انهن جي نظر ۾ اهي سڀ مغربي ماڻهو جيڪ ڪيپيٽول ۾، جيڪي واشنگٽن ڊي سي ۾، جيڪي نيوزيلينڊ ۾ سر عام مسجدن ۾ مسلمانن کي مارن ته به اهي دهشتگرد ناهن نه ئي اهي دهشت پسند آهن ان ڪري ته اهي جيڪڏهن مسلمان هجن هان ته انهن کي ڦاهي چاڙهي انهن جي ملڪن کي گري لسٽ ۾ بيهاري انهن جي معيشت تي ايف اي ٽي ايف جا ڪنٽرول نافض ڪري اهي پنهنجا ڪم ڪري وڃن هان، پر مغربي ملڪن کي ست خون معاف آهن.