سوڀي ديري ۾ ٻيلي جي 24 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عمر سيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ ۾ 24 هزار ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تي بااثر ماڻهن جي قبضي جو انڪشاف  ڪيو ويو آهي. شهري علي نواز انڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي. عدالت ٻيلي کاتي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.درخواستگذار چيو ته گمبٽ سوڀو ديرو واري علائقي ۾ ٻيلي جي 24 هزار ايڪڙ زمين تي بااثرن ماڻهن جو قبضو آهي، درخواستگذار چيو ته بااثر شخصيتون ٻيلي جي زمين تي قبضو ڪري لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن. ٻيلي کاتي ۽ وائلڊ لائيف کاتي جو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت حڪم ڏنو ته ٻيلي جي زمينن تي قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن، رينجرز ۽ سيشن جج کان به مدد ورتي وڃي. عدالت چيو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ ٻيلن جي زمين جي حفاظت لاءِ فورس موجود آهي، سيڪريٽري ٻيلو کاتو چيو ته سنڌ ۾ قانون ۾ ترميم ڪري اهڙي فورس ٺاهڻ لاءِ ترميم ڪئي پئي وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي قانون ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين پيش رفت نه ٿيڻ تي عدالت حڪم جاري ڪندي عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 4 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.