اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) جي آفيسرن جو چوڻ آهي ته هو ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ (وي پي اينز) کي بلاڪ نٿا ڪري سگهن.اسلام آباد ۾ سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي عملدارن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته عالمي گلوبل آءِ ٽي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو حصو 0.04 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گذريل سال پاڪستان جي آءِ ٽي جي ترقي 20 سيڪڙو رهي.هڪ ارب رپين جي لاڳت سان آءِ ٽي پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پي ٽي اي ميمبر انفورسمينٽ ٻڌايو ته 18 جون 2024ع تي ڪراچي ڀرسان سمنڊر ۾ ايس ايم ڊبليو آپٽيڪل فائبر ڪيبل ڪٽجڻ سبب انٽرنيٽ ٽريفڪ متاثر ٿي، جيڪا اڃان تائين مڪمل نه ٺهي آهي ان تي ڪم هلي رهيو آهي، ان حوالي سان ڪوبه ٽائيم فريم نه ٿا ڏئي سگهون، 27 آگسٽ تائين ٺهڻ جو امڪان آهي.